گڏيل قومون-11 جنوري (اي پي پي) پاڪستان سوڊان ۾ 2018ع جي امن معاهدي جي صحيح ڪندڙن وچ ۾ جاري سياسي رنڊڪ ۽ هٿياربند جهڙپن ۾ خطرناڪ اضافي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي سمورين ڌرين تي زور ڀريو ته هو نيڪ نيتي سان معاهدي تي ٻيهر عمل ڪن ۽ اختلافن کي جامع ڳالهين ذريعي حل ڪن. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب …
پاڪستان پاران سوڊان جي ڌرين کي 2018ع جي امن معاهدي تي نئين سر عملدرآمد جي اپيل

مزید خبریں
گڏيل قومون-11 جنوري (اي پي پي) پاڪستان سوڊان ۾ 2018ع جي امن معاهدي جي صحيح ڪندڙن وچ ۾ جاري سياسي رنڊڪ ۽ هٿياربند جهڙپن ۾ خطرناڪ اضافي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي سمورين ڌرين تي زور ڀريو ته هو نيڪ نيتي سان معاهدي تي ٻيهر عمل ڪن ۽ اختلافن کي جامع ڳالهين ذريعي حل ڪن. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته هي قومي اتفاق راءِ جي تجديد جو وقت آهي، هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن صورتحال کي ضابطي ۾ آندو ويو ته ان جي قيمت سڀ کان پهرين ڏکڻ سوڊان جي عوام کي ادا ڪرڻي پوندي ۽ ان جا سنگين علائقائي اثر پوندا. هن چيو ته ان نازڪ مرحلي تي پري ٿيڻ بدران وڌيڪ گهِري ۽ موثر شموليت جي ضرورت آهي. سفير عاصم افتخار احمد سوڊان ۾ گڏيل قومن جي امن مشن جي ڪردار کي نهايت اهم قرار ڏيندي چيو ته وڌندڙ سياسي غير يقيني صورتحال، بين القبائلي تشدد ۽ علائقائي اثرن کي نظر ۾ رکندي مشن جو فعال ۽ مضبوط رهڻ ضروري آهي. هن چيو ته يو اين ايم آءِ ايس ايس جي ايندڙ مدي ۾ توسيع نهايت اهم آهي ۽ ان جي بنيادي ڍانچي ۽ صلاحيتن کي برقرار رکڻ گهرجي ته جيئن ڏکڻ سوڊان جي عوام جي مدد ۽ وڌيڪ بگاڙ جي روڪٿام ممڪن ٿي سگهي. هن گڏيل قومن جي عملي جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڀريو.











