بيونس آئرس-11 جنوري (اي پي پي) ڪولمبيا جي صدر انڪشاف ڪيو آهي ته سندس خلاف مبينه قاتلاڻي حملي جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن سبب سندس هيليڪاپٽر جي طئي ٿيل هنڌ تي لهڻ بدران رستو تبديل ڪرڻو پيو. صدر پٽيرو صدارتي انتظاميه جي يوٽيوب چئنل تي نشر ٿيل هڪ سرڪاري اجلاس دوران ٻڌايو ته کيس اطلاع مليو هو ته سندس هيليڪاپٽر تي فائرنگ جو خطرو آهي. هن چيو ته ”آئون اتي …
ڪولمبيا جي صدر تي قاتلاڻي حملي جي ڪوشش، هيلي ڪاپٽر جو رستو تبديل

مزید خبریں
بيونس آئرس-11 جنوري (اي پي پي) ڪولمبيا جي صدر انڪشاف ڪيو آهي ته سندس خلاف مبينه قاتلاڻي حملي جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن سبب سندس هيليڪاپٽر جي طئي ٿيل هنڌ تي لهڻ بدران رستو تبديل ڪرڻو پيو. صدر پٽيرو صدارتي انتظاميه جي يوٽيوب چئنل تي نشر ٿيل هڪ سرڪاري اجلاس دوران ٻڌايو ته کيس اطلاع مليو هو ته سندس هيليڪاپٽر تي فائرنگ جو خطرو آهي. هن چيو ته ”آئون اتي نه لٿس جتي مون کي لهڻو هو ڇاڪاڻ ته خدشو هو ته جنهن هيليڪاپٽر ۾ آئون ۽ منهنجا ٻار سوار هئا، ان تي فائرنگ ٿي سگهي ٿي، گستاو وپٽيرو موجب ان صورتحال سبب اڏام جو رخ تبديل ڪيو ويو ۽ هيليڪاپٽر چار ڪلاڪن تائين کليل سمنڊ جي مٿان اڏام ڪئي“ اسان اتي پهتاسين جتي وڃڻ جو منصوبو نه هو. هن چيو ته هو اهڙي طرح امڪاني طور تي موتمار حملي کان محفوظ رهيو. واقعي بابت وڌيڪ تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا.











