نيٽو ۾ تبديليون، آمريڪا پاران ڪيترا ئي اهم عهدا ۽ ڪمان اتحادين حوالي ڪرڻ جو فيصلو

واشنگٽن-10فيبروري(اي پي پي) آمريڪا يورپ ۾ نيٽو جي ڪيترن ئي ڪمانڊرن جا عهدا يورپي ملڪن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب نيٽو لاءِ آمريڪي سفير ميٿو واٽڪر پنهنجي بيان ۾ چيو ته آمريڪا نيٽو کي مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي، نه ئي آمريڪا نيٽو جو خاتمو چاهي ٿو. هو پنهنجي 32 ميمبرن سميت اڳ کان به وڌيڪ مضبوط ثابت ٿيندو. ٻڌايو ويو آهي ته اهو صدر …

واشنگٽن-10فيبروري(اي پي پي) آمريڪا يورپ ۾ نيٽو جي ڪيترن ئي ڪمانڊرن جا عهدا يورپي ملڪن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب نيٽو لاءِ آمريڪي سفير ميٿو واٽڪر پنهنجي بيان ۾ چيو ته آمريڪا نيٽو کي مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي، نه ئي آمريڪا نيٽو جو خاتمو چاهي ٿو. هو پنهنجي 32 ميمبرن سميت اڳ کان به وڌيڪ مضبوط ثابت ٿيندو. ٻڌايو ويو آهي ته اهو صدر ٽرمپ پاران اتحادي ملڪن کي پنهنجي دفاع جي معاشي بار ۾ شريڪ ڪرڻ جي طرف هڪ اهم قدم هوندو. ان سلسلي ۾ عملي اڳڀرائي ڪندي آمريڪا نيٽو جي نيپلز ڪمانڊ اٽلي حوالي ڪندو. اها ڪمانڊ ڏکڻ يورپ جي معاملن جي نگراني ڪري ٿي جڏهن ته اتر پاسي جي دفاع لاءِ ڪمان آمريڪا برطانيه جي حوالي ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي. ان دوران آمريڪا برطانيه ۾ ميري ٽائيم جي ڪمانڊ سنڀاليندو. اها ڪمانڊ برطانيه بابت آهي. ياد رهي نيٽو ۾ ڪمانڊرز جي تبديلي جي باري ۾ اها رپورٽ شروعاتي طور تي فرانس جي هڪ اخبار ڏني هئي. جڏهن ته چيو پيو وڃي ته انهن معاملن کي پڄا ڻي تائين پهچائڻ لاءِ ڪيترائي مهينا لڳي سگهن ٿا.

مزید خبریں