واشنگٽن -10 فيبروري(اي پي پي) آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس اعلان ڪيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان ڳالهين ۾ ريڊلائنز بابت قطعي فيصلو پاڻ ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب جي ڊي وينس هڪ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته جيڪڏهن اسان ايران سان ٿيندڙ اصل ڳالهين کي ٻيهر ياد ڪيون ته ڊونلڊ ٽرمپ هڪ اهڙي تعميري معاهدي تائين پهچڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو هو جيڪو آمريڪا جي مفاد ۾ هجي، …
ايران سان ڳالهين ۾ ريڊلائنز جو فيصلو صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڻ ڪندو: آمريڪا جو نائب صدر

مزید خبریں
واشنگٽن -10 فيبروري(اي پي پي) آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس اعلان ڪيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان ڳالهين ۾ ريڊلائنز بابت قطعي فيصلو پاڻ ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب جي ڊي وينس هڪ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته جيڪڏهن اسان ايران سان ٿيندڙ اصل ڳالهين کي ٻيهر ياد ڪيون ته ڊونلڊ ٽرمپ هڪ اهڙي تعميري معاهدي تائين پهچڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو هو جيڪو آمريڪا جي مفاد ۾ هجي، سچي ڳالهه اها آهي ته سموري انتظاميه ان تي راضي هئي. هن چيو ته ايران سمجهوتو ڪرڻ لاءِ سمجهداري کان ڪم وٺي ها ته ان جي پنهنجي مفاد ۾ به هجي ها. هن چيو ته مان اهو صدر تي ڇڏي ڏيندس ته هو ڳالهين لاءِ ڪهڙي حد مقرر ڪرڻ چاهي ٿو. هو عام طور تي اهو ڪم ڳجهي نموني ڪندو آهي. اهو اعلان ناهي ڪندو ته هو ڳالهين ۾ ڇا ڪندو ڇو ته سندس خيال آهي ته ان سان هو پابند ٿي ويندو آهي. جي ڊي وينس اهو به چيو ته آمريڪي صدر ايندڙ ڏينهن يا هفتن دوران پنهنجي ٽيم ۽ ٻين ماڻهن سان اهم ڳالهه ٻولهه ڪندو.











