فلسطين جي صدر پاران عبوري آئين جو مسودو شايع ڪرڻ جو فيصلو

والاريل بيت المقدس -10 فيبروري(اي پي پي) فلسطين جي صدر محمود عباس فلسطين رياست جي عبوري آئين جي پهرين مسودي کي شايع ڪرڻ ۽ ان کي آئين ساز قومي ڪميٽي جي مخصوص اليڪٽرانڪ پليٽ فارم ۽ ڪميٽي جي مخصوص ڪيل اشاعتي ذريعن وسيلي عوامي مطالعي لاءِ دستياب ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب صدر محمود عباس پاران جاري ڪيل صدارتي فيصلي جو مقصد آئيني دستاويز جي تياري ۾ سماجي …

والاريل بيت المقدس -10 فيبروري(اي پي پي) فلسطين جي صدر محمود عباس فلسطين رياست جي عبوري آئين جي پهرين مسودي کي شايع ڪرڻ ۽ ان کي آئين ساز قومي ڪميٽي جي مخصوص اليڪٽرانڪ پليٽ فارم ۽ ڪميٽي جي مخصوص ڪيل اشاعتي ذريعن وسيلي عوامي مطالعي لاءِ دستياب ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب صدر محمود عباس پاران جاري ڪيل صدارتي فيصلي جو مقصد آئيني دستاويز جي تياري ۾ سماجي شرڪت جي دائري کي وڌائڻ آهي جنهن تحت شهرين،سول سوسائٽي جي ادارن، سياسي قوتن، تجزيي ڪارن ۽ تعليمي ماهرن کي دعوت ڏني وئي  آهي ته هو فيصلي جي اشاعت جي تاريخ کان 60 ڏينهن دوران مسودي تي پنهنجن مشاهدن ۽ تجويزن کي پيش ڪن. ان دوران عبوري آئين جي تياري لاءِ ٺاهيل ڪميٽي سان وابسته ڪو آرڊينيشن ۽ ڊرافٽنگ ڪميٽي انهن مشاهدن کي وصول ڪرڻ ان کي ترتيب ڏيڻ ۽ ان جو مطالعو ڪرڻ جي ذميوار هوندي. ان جي درجه بندي آئيني اصولن بابت بنيادي مشاهدن ۽ تنظيم بابت فني مشاهدن ۾ ڪئي ويندي ته جيئن عوام جي مفاد ۽ قومي اتفاق راءِ مطابق ضروري ترميمون ڪري سگهجن. ڪميٽي مشاهدن ۽ سفارشن جي مطالعي جي نتيجي تي ٻڌل هڪ تفصيلي رپورٽ به تيار ڪندي جنهن کي رياست جي صدر آڏو بحث ۽ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو. ان کان پوءِ آئين جي منصوبي جو حتمي نسخو تيار ڪيو ويندو. فيصلي ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو آهي ته لاڳاپيل اختياريون ان جي حڪم تي عمل در آمد ڪنديون ۽ اهو حڪم پنهنجي جاري ٿيڻ جي تاريخ کان اڳ ئي عمل جوڳو هوندو ۽ سرڪاري گزيٽ ۾ شايع ڪيو ويندو.

مزید خبریں