سينيٽ چيئرمين پاران يو اي اي جي فيڊرل نيشنل ڪائونسل جي اسپيڪر سان ملاقات، گڏيل، تاريخي ۽ڀائراڻن لاڳاپن جي حوالي سان ڳالهيون

ابوظهبي -10 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ابو ظهبي ۾ گڏيل عرب امارات جي فيڊرل نيشنل ڪائونسل جي اسپيڪر صقر غباش سان ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ گهرن، تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات وچ ۾ موجود گهرن، تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن  تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون …

ابوظهبي -10 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ابو ظهبي ۾ گڏيل عرب امارات جي فيڊرل نيشنل ڪائونسل جي اسپيڪر صقر غباش سان ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ گهرن، تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات وچ ۾ موجود گهرن، تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن  تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون جيڪي گڏيل احترام، گڏيل قدرن ۽ ڊگهي مدي واري سهڪار تي ٻڌل آهن. ڌرين ٻه طرفن لاڳاپن ۾ هاڻوڪن سالن دوران ٿيل نمايان اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار خاص ڪري واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ وڌندڙ تعاون کي ساراهيو. سينيٽ چيئرمين  يوسف رضا گيلانيءَ اسپيڪر صقر غباش جي شاندار آجيان  ڪندي مهمان نوازي تي ٿورو ادا ڪيو. هن پاڪستان جي معاشي استحڪام ۾ يو اي اي جي هاڪاري ۽ موثر ڪردار کي به ساراهيو. هن گڏيل عرب امارات پاران پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جي عزم کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعتماد ۽ مضبوط شراڪتداري جو واضح مثال قرار ڏنو. سينيٽ چيئرمين اسپيڪر فيڊرل نيشنل ڪائونسل کي پاڪستان جي دوري جي باضابطه دعوت به ڏني جنهن کي هن خوشيءَ سان قبول ڪندي چيو ته هو جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو منتظر آهي. هن چيو ته هي دورو پارلياماني تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ نون شعبن ۾ ڀائيواري جا موقعا تلاش ڪرڻ ۾ مددگار ٿابت ٿيندو. ملاقات ۾ پارلياماني سفارتڪاري، واپار، سيڙپڪاري ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي هٿي وٺائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڀريو. سندس چوڻ هو ته هي ملاقات پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات وچ ۾ موجود دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو سبب ثابت ٿيندي ۽ مستقبل ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ هٿي ملندي.

مزید خبریں