چين جو صدر هلندڙ سال جي آخر ۾ آمريڪا جو دورو ڪندو: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن -09 فيبروري (اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته چين جو صدر شي جن پنگ هلندڙ سال جي آخر ۾ آمريڪا جو دورو ڪندو، ته جيئن ڪيترن ئي اهم مسئلن جن ۾ سڀ کان اهم واپاري معاملا آهن، تي ڳالهيون ڪري سگهجن. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اين بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته شي جن  پنگ سال جي آخر ۾ وائيٽ …

واشنگٽن -09 فيبروري (اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته چين جو صدر شي جن پنگ هلندڙ سال جي آخر ۾ آمريڪا جو دورو ڪندو، ته جيئن ڪيترن ئي اهم مسئلن جن ۾ سڀ کان اهم واپاري معاملا آهن، تي ڳالهيون ڪري سگهجن. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اين بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته شي جن  پنگ سال جي آخر ۾ وائيٽ هائوس ايندو، اهي ٻئي ملڪ دنيا جي سڀ کان وڏين طاقتن مان آهن ۽ اسان جا هڪٻئي سان سٺا لاڳاپا آهن. هن چيو ته هو اپريل ۾ چين جو دورو ڪندو، اهو اعلان اهڙي وقت تي سامهون آيو آهي جڏهن دنيا جي 2 سڀ کان وڏين معيشتن وچ ۾ لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ خاص ڪري تازي واپاري ۽ فني ڇڪتاڻ کان پوءِ نيون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

مزید خبریں