هانگ ڪانگ-09 فيبروري (اي پي پي) هانگ ڪانگ جي خاص انتظامي خطي ايڇ ڪي ايس اي آر جي هاءِ ڪورٽ چين مخالف هنگامن جي مبينه محرڪ جمي لائي کي 20 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا موجب عدالت جمي لائي کي ڊسمبر ۾ پرڏيهي قوتن سان ڳٺ جوڙ ۽ چڙ ڏياريندڙ مواد شايع ڪرڻ جي سازش جي الزامن ۾ ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو. ڪيس ۾ سزا ۾ نرمي …
هانگ ڪانگ ۾ چين مخالف هنگامن جي مبينه محرڪ جمي لائي کي 20 سال قيد جي سزا

مزید خبریں
هانگ ڪانگ-09 فيبروري (اي پي پي) هانگ ڪانگ جي خاص انتظامي خطي ايڇ ڪي ايس اي آر جي هاءِ ڪورٽ چين مخالف هنگامن جي مبينه محرڪ جمي لائي کي 20 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا موجب عدالت جمي لائي کي ڊسمبر ۾ پرڏيهي قوتن سان ڳٺ جوڙ ۽ چڙ ڏياريندڙ مواد شايع ڪرڻ جي سازش جي الزامن ۾ ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو. ڪيس ۾ سزا ۾ نرمي بابت ٻڌڻي 12 جنوري تي شروع ٿي جيڪا 13 جنوري تي ختم ٿي. قومي سلامتي بابت ان ڪيس ۾ جمي لائي سان ايپل ڊيلي لميٽيڊ، ايپل ڊيلي پرنٽنگ لميٽڊ، ۽ ايپل ڊيلي انٽرنيٽ لميٽيڊ به نامزد آهن، جن تي چڙ ڏياريندڙ مواد شايع ڪرڻ ۽ پرڏيهي قوتن سان ڳٺ جوڙ جي سازش جا الزام لڳايا ويا هئا. جمي لائي کي پرڏيهي قوتن سان ڳٺ جوڙ جي هڪ الڳ الزام کي به منهن ڏيڻو پيو هو. ڪيس جي باقاعده ٻڌڻي 18 ڊسمبر 2023ع تي شروع ٿي ۽ ان جي ٻڌڻي هانگ ڪانگ جي قومي سلامتي قانون تحت مقرر ڪيل 3 ججن ڪئي.











