ڏکڻ ڪوريا ۾ فوجي هيليڪاپٽر حادثي جو شڪار، 2 ڄڻا دل جو دورو پوڻ سبب اسپتال داخل

سيئول -09 فيبروري (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جي صوبي گيونگ گي ۾ فوجي هيليڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻن کي دل جو دورو پوڻ سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو هيليڪاپٽر مقامي وقت موجب صبح جو 11 وڳي گادي واري شهر سيئول ويجهو واقع صوبي جي ڪاپيونگ ڪائونٽي  ۾ ڪري تباهه ٿيو. حادثي جو شڪار ٿيل هيليڪاپٽر ۾ سوار ٻن ماڻهن …

سيئول -09 فيبروري (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جي صوبي گيونگ گي ۾ فوجي هيليڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻن کي دل جو دورو پوڻ سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو هيليڪاپٽر مقامي وقت موجب صبح جو 11 وڳي گادي واري شهر سيئول ويجهو واقع صوبي جي ڪاپيونگ ڪائونٽي  ۾ ڪري تباهه ٿيو. حادثي جو شڪار ٿيل هيليڪاپٽر ۾ سوار ٻن ماڻهن کي شديد زخمي حالت ۾ دل جو دورو پوڻ سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو. فوجي ذريعن موجب اهو هيليڪاپٽر تربيتي اڏام لاءِ روانو ٿيو هو ۽ اهو ڏکڻ ڪوريا جي فوج جو اي ايڇ-1 ايس ڪوبرا هيليڪاپٽر هو. جنهن کي مبينه طور تي سروس کان رٽائرڊ ڪيو پيو وڃي.

مزید خبریں