سرينگر -08 فيبروري (اي پي پي) غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ولاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ پوسٽرز ذريعي ڪشميري عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته 11 فيبروري تي مشهور حريت اڳواڻ شهيد محمد مقبول بٽ جي يوم شهادت جي موقعي تي مڪمل هڙتال ڪئي وڃي ۽ ان ڏينهن کي ڪشميري شهيدن جي قربانين جي يادگار طور ملهايو وڃي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارت محمد …
والاريل ڪشمير ۾ مقبول بٽ جي يوم شهادت جي موقعي تي 11 فيبروري تي مڪمل هڙتال جي اپيل

مزید خبریں
سرينگر -08 فيبروري (اي پي پي) غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ولاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ پوسٽرز ذريعي ڪشميري عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته 11 فيبروري تي مشهور حريت اڳواڻ شهيد محمد مقبول بٽ جي يوم شهادت جي موقعي تي مڪمل هڙتال ڪئي وڃي ۽ ان ڏينهن کي ڪشميري شهيدن جي قربانين جي يادگار طور ملهايو وڃي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارت محمد مقبول بٽ کي 11 فيبروري 1984ع تي نئين دهلي جي تهاڙ جيل ۾ ڦاسي ڏني هئي، ان ئي جيل ۾ 9 فيبروري 2013ع تي محمد افضل گورو کي به ڦاسي ڏني وئي هئي، ۽ ٻنهي اڳواڻن کي جيل اندر ئي دفن ڪيو ويو هو. پوسٽرز ذريعي عالمي انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اهي انهن ڪشميري قيدين کي جيڪي ڊگهي عرصي کان قيد ۾ آهن آزاد ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ڪشميرين کي سندن جائز حق خوداراديت ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.











