رياض-08 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب ۾ هڪ هفتي دوران اقامه، ليبر ۽ سرحدي قانون جون وڌيڪ 20 هزار 237 ڀڃڪڙيون رڪارڊ ڪيون ويون جڏهن ته 11 هزار 656 غير قانوني پرڏيهين کي سندن ملڪ واپس موڪليو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق 29 جنوري کان 4 فيبروري 2026ع وچ ۾ مجموعي طر تي 12 هزار 687 اقامه قانون، 4 هزار 318 غير قانوني سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش ۽ 3 …
سعودي عرب ۾ اقامه، ليبر ۽ سرحدي قانون جي ڀڃڪڙي تي وڌيڪ 20 هزار 237 ماڻهو گرفتار، 11 هزار 656 غير قانوني پرڏيهين جي بي دخلي

مزید خبریں
رياض-08 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب ۾ هڪ هفتي دوران اقامه، ليبر ۽ سرحدي قانون جون وڌيڪ 20 هزار 237 ڀڃڪڙيون رڪارڊ ڪيون ويون جڏهن ته 11 هزار 656 غير قانوني پرڏيهين کي سندن ملڪ واپس موڪليو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق 29 جنوري کان 4 فيبروري 2026ع وچ ۾ مجموعي طر تي 12 هزار 687 اقامه قانون، 4 هزار 318 غير قانوني سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش ۽ 3 هزار 232 محنت واري قانون جون ڀڃڪڙيون شامل آهن. غير قانوني طور تي سعودي عرب ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش تي هڪ هزار 555 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، انهن ۾ 57 سيڪڙو ايٿوپين، 40 سيڪڙو يمني ۽ 3 سيڪڙو ٻين ملڪن سان تعلق رکن ٿا. ان کان علاوه 61 اهڙن ماڻهن کي به پڪڙيو ويو جيڪي سرحد پار ڪري سعودي عرب کان پاڙيسري ملڪن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. سفر، رهائش، روزگار ۽ پناهه ڏيڻ جي ڪوشش ۾ ملوث 32 ماڻهن کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي.











