روس ۽ يوڪرين سان ڳالهين ۾ هاڪاري اڳڀرائي ٿي آهي: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن-07 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته روس ۽ يوڪرين سان آمريڪا جون ڳالهيون سٺي انداز ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن ۽ ان حوالي سان ڪنهن به امڪاني اڳڀرائي جا آثار نظر اچي رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايئر فورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته روس ۽ يوڪرين بابت گذريل ڏينهن ٿيل ڳالهيون انتهائي سٺيون رهيون. هن چيو ته …

واشنگٽن-07 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته روس ۽ يوڪرين سان آمريڪا جون ڳالهيون سٺي انداز ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن ۽ ان حوالي سان ڪنهن به امڪاني اڳڀرائي جا آثار نظر اچي رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايئر فورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته روس ۽ يوڪرين بابت گذريل ڏينهن ٿيل ڳالهيون انتهائي سٺيون رهيون. هن چيو ته انهن ڳالهين جي نتيجي ۾ ڪجهه اهم ٿي سگهي ٿو، پر ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل فراهم ناهي ڪئي وئي. صدر ٽرمپ جي بيان کي يوڪرين تڪرار جي حل لاءِ جاري سفارتي ڪوششن ۾ هڪ اهم اشارو قرار ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته عالمي تبصرو ڪندڙ انهن ڳالهين جي نتيجن تي نظر رکي رهيا آهن.

مزید خبریں