مشهور آمريڪي عورت اينڪر جي اغوا ٿيل والده جي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ وائيٽ هائوس پاران 50 هزار ڊالر انعام جو اعلان

واشنگٽن -07 فيبروري (اي پي پي) آمريڪا ۾ مشهور اينڪر ساوانا گٿري جي والده بابت معلومات ڏيڻ تي 50 هزار آمريڪي ڊالرز جي انعام جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان عورت بابت معلوم ٿيو آهي ته هوءَ هڪ مشهور اينڪر جي والده آهي. پرڏيهي ميڊيا ٻڌايو ته عورت جو نالو نينسي گٿري آهي جيڪا مشهور آمريڪي اينڪر ساوانا گٿري جي والده آهي. پوليس جو خيال آهي ته اغوا بعد هن …

واشنگٽن -07 فيبروري (اي پي پي) آمريڪا ۾ مشهور اينڪر ساوانا گٿري جي والده بابت معلومات ڏيڻ تي 50 هزار آمريڪي ڊالرز جي انعام جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان عورت بابت معلوم ٿيو آهي ته هوءَ هڪ مشهور اينڪر جي والده آهي. پرڏيهي ميڊيا ٻڌايو ته عورت جو نالو نينسي گٿري آهي جيڪا مشهور آمريڪي اينڪر ساوانا گٿري جي والده آهي. پوليس جو خيال آهي ته اغوا بعد هن کي قيد ڪيو ويو آهي. ساوانا گٿري آمريڪي چينل ”اين بي سي“ تي پروگرام ”ٽوڊي“ جي شريڪ ميزبان طور سڃاتي وڃي ٿي. وائيٽ هائوس هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ چيوو يو آهي، ته ساوانا گٿري جي والده نينسي گٿري جي ڳولا اڃا جاري آهي ۽ اختياريون عوام کي  مدد جي درخواست ڪري رهيون آهن.

مزید خبریں