ايٽمي هٿيارن جي استعمال جو سڀ کان وڌيڪ خطرو، آمريڪا ۽ روس جلد نئون ايٽمي معاهدو ڪن: گڏيل قومون

گڏيل قومون-05 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش آمريڪا ۽ روس تي زور ڀريو آهي ته هو جلد کان جلد هڪ نئين ايٽمي معاهدي تي صحيحون ڪري وٺن. پرڏيهي خابرو اداري موجب هن هڪ بيان ۾ چيو ته موجوده معاهدو هڪ اهڙي وقت ۾ ختم ٿي رهيو آهي جنهن کي عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ نهايت ڳڻتي جوڳو چئي سگهجي ٿو. نيواسٽارٽ معاهدو خميس تي …

گڏيل قومون-05 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش آمريڪا ۽ روس تي زور ڀريو آهي ته هو جلد کان جلد هڪ نئين ايٽمي معاهدي تي صحيحون ڪري وٺن. پرڏيهي خابرو اداري موجب هن هڪ بيان ۾ چيو ته موجوده معاهدو هڪ اهڙي وقت ۾ ختم ٿي رهيو آهي جنهن کي عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ نهايت ڳڻتي جوڳو چئي سگهجي ٿو. نيواسٽارٽ معاهدو خميس تي ختم ٿي ويندو، جنهن کانپوءِ روس ۽ آمريڪا ٻئي پنهنجي ايٽمي هٿيارن جي ذخيرن تي لاڳو پابندين کان باضابطه طور تي آزاد ٿي ويندا. سيڪريٽري جنرل پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اڌ صدي کان وڌيڪ عرصي ۾ اهو پهريون ڀيرو آهي ته اسان هڪ اهڙي دنيا کي منهن ڏئي رهيا آهيون جتي روسي فيڊريشن ۽ رياست متحده آمريڪا جي اقتصادي ايٽمي هٿيارن تي پابندي جي  ڪا به حد موجود نه هوندي، هن چيو ته نيو اسٽارٽ ۽ هٿيار ڪنٽرول ڪرڻ جا ٻيا معاهدا سڄي دنيا جي ماڻهن جي سلامتي لاءِ تمام گهڻا بهتر ثابت ٿيا آهن.

مزید خبریں