چيني صدر سان گڏجي ٽن سالن ۾ مثبت نتيجا حاصل ڪري وٺندس: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن-05 جنوري (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته هن چيني صدر شي جن پنگ سان بهترين ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. پريهي ميڊيا موجب هن ان ڳالهه ٻولهه دوران چين طرفان آمريڪا کان وڌيڪ زرعي مصنوعات، تيل ۽ گئس جي خريداري جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن پليٽ فارم ”ٽروٿ سوشل“ ذريعي واضح ڪيو ته هن پنهنجي هم منصب سان ايران، تائيوان …

واشنگٽن-05 جنوري (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته هن چيني صدر شي جن پنگ سان بهترين ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. پريهي ميڊيا موجب هن ان ڳالهه ٻولهه دوران چين طرفان آمريڪا کان وڌيڪ زرعي مصنوعات، تيل ۽ گئس جي خريداري جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن پليٽ فارم ”ٽروٿ سوشل“ ذريعي واضح ڪيو ته هن پنهنجي هم منصب سان ايران، تائيوان ۽ يوڪرين جي جنگ تي به ڳالهه ڪئي. ٽرمپ چيو ته آئون ايندڙ ٽن سالن ۾ چيني صدر سان گڏجي مثبت نتيجا حاصل ڪري وٺندس، خاص طور تي ان لاءِ ته چين سان اسان جا لاڳاپا ۽ صدر شي سان منهنجا ذاتي لاڳاپا بهترين آهن. ٻئي پاسي چيني صدر شي جن پنگ ان رابطي دوران ان ڳالهه تي زور ڀريو ته بيجنگ يوڪرين جي بحران جي پرامن حل تائين پهچڻ جي سمورين ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو. ياد رهي اها ڳالهه ٻولهه اپريل ۾ ٽرمپ جي متوقع چين جي دوري کان اڳ ٿي آهي.

مزید خبریں