گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران بلوچستان ۾ دهشتگرد حملن جي مذمت

گڏيل قومون -04 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن پاڪستان جي صوبي بلوچستان ۾ مختلف هنڌن تي ٿيل تازن خطرناڪ دهشتگرد حملن جي  مذمت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته انهن حملن جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر پاران جاري پريس بيان ۾ 15 ميمبرن تي ٻڌل سلامتي ڪائونسل چيو آهي، ته ان نفرت جوڳين دهشتگرد ڪارروائين  جي …

گڏيل قومون -04 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن پاڪستان جي صوبي بلوچستان ۾ مختلف هنڌن تي ٿيل تازن خطرناڪ دهشتگرد حملن جي  مذمت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته انهن حملن جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر پاران جاري پريس بيان ۾ 15 ميمبرن تي ٻڌل سلامتي ڪائونسل چيو آهي، ته ان نفرت جوڳين دهشتگرد ڪارروائين  جي نتيجي ۾ 48 پاڪستاني شهري فوت ٿيا جن ۾ 31 عام شهري شامل هئا، جن ۾ 5 عورتون ۽ 3 ٻار به شامل آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي، ته  انهن دهشتگرد حملن جي ذميواري ڪالعدم بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) قبول ڪئي آهي. بيان ۾ انهن حملن کي گندو ۽ بزدلاڻو قرار ڏنو ويو آهي. پاڪستان خلاف وڌندڙ دهشتگرد حملن تي سلامتي ڪائونسل جو اهو بيان برطانيه جي ناظم الامور  جيمز ڪريوڪي جيڪو هن وقت سلامتي ڪائونسل جو صدر آهي، پاران جاري ڪيو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي،  ته سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن متاثر خاندانن، پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جڪي جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. بينا ۾ ان ڳالهه جي توثيق ڪئي وئي ته دهشتگردي پنهنجي سمورن قسمن ۽ مظاهرن ۾ عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ سڀ کان وڌيڪ سنگين خطرن مان هڪ آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اهي مذمت جوڳيون دهشتگرد ڪارروائيون ڪندڙن، منصوبا تيار ڪندڙن، مالي مدد ڪندڙن ۽ سرپرستن کي جوابده قرار ڏنو وڃي ۽ انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن سمورن رياستن تي زور ڀريو ته هو عالمي قانون ۽ سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن تحت پنهنجي ذميوارين موجب ان سلسلي ۾ پاڪستان حڪومت سان ڀرپور تعاون ڪن. بيان ۾ چيو ويو آهي، ته سلامتي ڪائونسل جا ميمبر ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪن ٿا ته دهشتگردي جي ڪا به ڪارروائي ڪٿي به، جڏهن به ۽ جنهن پاران به ڪئي وڃي، هو ڏوهاري ۽ ناقابل جواز آهي. هن ان ڳالهه جي به توثيق ڪئي ته سموريون رياستون گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون تحت پنهنجي ٻين ذميوارين، سميت عالمي انساني حقن، پناهگيرن جي قانون ۽ عالمي انساني قانون موجب دهشتگردي جي سبب عالمي امن ۽ سلامتي کي لاڳو خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي.

مزید خبریں