ڀارتي فوجين اڌمپور  ۾ 2 ڪشميري  نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو

ڄمون -04 فيبروري (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين پنهنجي رياستي دهشتگردي جي تازي ڪارروائي ۾ ضلع اڌمپور ۾ ٻن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فوجين ۽ پيرا اسپيشل فورسز جي اهلڪارن نوجوانن کي ضلع جي علائقي مجلتا  ۾ گهيراءَ ۽ ڳولا جي پرتشدد ڪارروائي دوران شهيد ڪيو. ڀارتي آفيسر ٻن نوجوانن جي مارڻ جي تصديق ڪندي چيو …

ڄمون -04 فيبروري (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين پنهنجي رياستي دهشتگردي جي تازي ڪارروائي ۾ ضلع اڌمپور ۾ ٻن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فوجين ۽ پيرا اسپيشل فورسز جي اهلڪارن نوجوانن کي ضلع جي علائقي مجلتا  ۾ گهيراءَ ۽ ڳولا جي پرتشدد ڪارروائي دوران شهيد ڪيو. ڀارتي آفيسر ٻن نوجوانن جي مارڻ جي تصديق ڪندي چيو ته ڀارتي فوجين ۽ پيرا ملٽري اهلڪارن پاران علائقي ۾ گڏيل آپريشن اڃا به جاري آهي.

مزید خبریں