لندن _ 4 فيبروري (اي پي پي ) برطانوي پارليامنٽ اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا ۾ برطانيه جو اڳوڻو سفير پيٽر مانڊلسن پنهنجي عهدي تان برطرف ٿي ويندو. اهو فيصلو آمريڪي انصاف واري کاتي طرفان جاري ڪيل ان نئين دستاويز بعد سامهون آيو آهي جن ۾ جنسي ڏوهن ۾ ملوث ارب پتي جيفري ايپسٽن سان سندس لاڳاپن جو انڪشاف ٿيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق لارڊز ڪائونسل جي سربراهه ٻڌايو ته …
جيفري ايپسٽين آمريڪا ۾ برطانيه جو اڳوڻو سفير پيٽرمانڊلسن اڄ عهدي تان برطرف ٿي ويندو :برطانوي پارليامنٽ

مزید خبریں
لندن _ 4 فيبروري (اي پي پي ) برطانوي پارليامنٽ اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا ۾ برطانيه جو اڳوڻو سفير پيٽر مانڊلسن پنهنجي عهدي تان برطرف ٿي ويندو. اهو فيصلو آمريڪي انصاف واري کاتي طرفان جاري ڪيل ان نئين دستاويز بعد سامهون آيو آهي جن ۾ جنسي ڏوهن ۾ ملوث ارب پتي جيفري ايپسٽن سان سندس لاڳاپن جو انڪشاف ٿيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق لارڊز ڪائونسل جي سربراهه ٻڌايو ته پارليامينٽ جي سيڪريٽري ڪولارڊ مانڊلسن جو خط مليو آهي جنهن ۾ هن 4 فيبروري کان ايوان ڇڏڻ جي ارادي کان آگاهه ڪيو آهي. ان کان اڳ برطانوي وزيراعظم جي آفيس جي ترجمان ٻڌايو هو ته برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر فوري ڪارروائي جي ضرورت تي زور ڏيندي مانڊلسن جي لارڊز ڪائونسل جي ميمبرشپ ختم ڪرڻ لاءِ قانونسازي جو حڪم ڏنو هو . مانڊلسن کي 2008ع ۾ ان ايوان جو ميمبر نامزد ڪيو ويو هو پر جنوري 2025ع جي آخر ۾ آمريڪا ۾ سفير مقرر ٿيڻ تي هن ميمبرشپ ڇڏي هئي بعد ۾ ايپسٽن سان لاڳاپن جي انڪشاف تي هن کي سيپٽمبر ۾ سفير جي عهدي تان هٽايو ويو هو. ياد رهي ته برطانوي لاردز ڪائونسل پارليامينٽ جو مٿانهون ايوان آهي.











