ايپسٽين فائلز ۾ بل ڪلنٽن ۽ هيلري ڪلنٽن تحقيقاتي ڪميٽي آڏو الڳ الڳ پيش ٿيندا

نيويارڪ -04 فيبروري(اي پي پي) آمريڪا جو اڳوڻو صدر بل ڪلنٽن ۽ سندس گهرواري ۽  اڳوڻي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن جيفري ايپسٽين اسڪينڊل جي تحقيقات ڪندڙ ڪانگريس جي ڪميٽي آڏو هلندڙ مهيني الڳ الڳ پيش ٿيندا. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڪميٽي جنسي ڏوهن ۾ سزا يافته جيفري ايپسٽين جي باري ۾ سامهون آيل فائلز جي تحقيقات ڪري رهي آهي. ڪانگريس جي جاچ ڪميٽي جي سربراهه جيمز ڪومر واشنگٽن ۾ هڪ بيان …

نيويارڪ -04 فيبروري(اي پي پي) آمريڪا جو اڳوڻو صدر بل ڪلنٽن ۽ سندس گهرواري ۽  اڳوڻي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن جيفري ايپسٽين اسڪينڊل جي تحقيقات ڪندڙ ڪانگريس جي ڪميٽي آڏو هلندڙ مهيني الڳ الڳ پيش ٿيندا. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڪميٽي جنسي ڏوهن ۾ سزا يافته جيفري ايپسٽين جي باري ۾ سامهون آيل فائلز جي تحقيقات ڪري رهي آهي. ڪانگريس جي جاچ ڪميٽي جي سربراهه جيمز ڪومر واشنگٽن ۾ هڪ بيان ۾ ٻڌايو ته هيلري ڪلنٽن 26 ۽ بل ڪلنٽن 27 فيبروري تي گواهي لاءِ پيش ٿيندا. سندس اهو به چوڻ هيو ته ٻنهي جي بيانن کي لکيو ۽ فلمايو ويندو.

مزید خبریں