برازيليا-04 فيبروري (اي پي پي) برازيليا جي رياست الاغواس ۾ مذهبي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ شرڪت کان واپس ايندڙ بس جي حادثي ۾ 4 ٻارن سميت 16 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا . ميڊيا رپورٽن مطابق اختيارين ٻڌايو ته حادثو گذريل ڏينهن ان وقت پيش آيو جڏهن 60 ماڻهن کي کڻي ايندڙ بس الاغواس رياست جي ٻهراڙي واري علائقي ۾ ڪلٽي ٿي وئي . الاغواس جي علائقائي حڪومت جاري …
برازيل ۾ زائرين جي بس کي حادثو ، 16 ماڻهو اجل جو شڪار

مزید خبریں
برازيليا-04 فيبروري (اي پي پي) برازيليا جي رياست الاغواس ۾ مذهبي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ شرڪت کان واپس ايندڙ بس جي حادثي ۾ 4 ٻارن سميت 16 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا . ميڊيا رپورٽن مطابق اختيارين ٻڌايو ته حادثو گذريل ڏينهن ان وقت پيش آيو جڏهن 60 ماڻهن کي کڻي ايندڙ بس الاغواس رياست جي ٻهراڙي واري علائقي ۾ ڪلٽي ٿي وئي . الاغواس جي علائقائي حڪومت جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته حادثي ۾ 7 عورتون ، 5 مرد ۽ 4 ٻار اجل جو شڪار ٿيا آهن . حادثي کان پوءِ الاغواس جي گورنر ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيندي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي چيو آهي ته اسان ڏک جي هن گهڙي ۾ متاثرڪٽنبن سان گڏ آهيون.











