چيني هارين جي في سيڪڙو استعمال جوڳي آمدني ۾ 6 سيڪڙو اضافو

 بيجنگ _4 فيبروري (اي پي پي ) چين ۾ هارين جي في سيڪڙو استعمال جوڳي آمدني ۾ سال 2025ع دوران سالياني بنيادن تي 6 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. رپورٽن موجب چين جي رياستي ڪائونسل جي اطلاعات واري آفيس جي اهتمام هيٺ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چين ۾ زرعي ٻهراڙي جديدڪاري ۽ جامع ٻهراڙي جي حوالي سان اڳڀرائي تي روشني وڌي وئي. جاري ڪيل 2026ع مرڪزي دستاويز نمبر 1 …

 بيجنگ _4 فيبروري (اي پي پي ) چين ۾ هارين جي في سيڪڙو استعمال جوڳي آمدني ۾ سال 2025ع دوران سالياني بنيادن تي 6 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. رپورٽن موجب چين جي رياستي ڪائونسل جي اطلاعات واري آفيس جي اهتمام هيٺ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چين ۾ زرعي ٻهراڙي جديدڪاري ۽ جامع ٻهراڙي جي حوالي سان اڳڀرائي تي روشني وڌي وئي. جاري ڪيل 2026ع مرڪزي دستاويز نمبر 1 ۾ هلندڙ سال لاءِ چين ۾ زراعت، ٻهراڙي ۽ هارين بابت اهم هدف طئي ڪيا ويا آهن. جن ۾ زرعي جامع پيداواري صلاحيت ۽ معيار ۾ بهتري، باقاعده امداد ۽ سهڪار، هارين جي مستحڪم آمدني ۾ اضافي کي فعال طور تي هٿي ڏيڻ ۽ مقامي حالتن مطابق رهائش ۽ روزگار لاءِ موقعا ۽ ٻهراڙي جي علائقن کي خوبصورت بڻائڻ جي حوالي سان تعمير کي اڳتي وڌائڻ شامل آهي . پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ويو ته 2025ع ۾ چيني هارين جي في سيڪڙو استعمال جوڳي آمدني 24،456 يوآن (3524.83 آمريڪي ڊالر ) تائين پهچي وئي ، جيڪا سال 2024ع جي مقابلي ۾ 6 سيڪڙو وڌيڪ  آهي. سڄي ملڪ ۾ اناج جي پيداوار لڳاتار ٻن سالن کان 700 ارب ڪلو گرام کان وڌيڪ تي قائم رهي ۽ 2025ع ۾ اها پيداوار 714.9 ارب ڪلوگرام تائين پهچي وئي ، جنهن ۾ ڪل پيداوار ۽ في يونٽ پيداوار  ۾ نوان تاريخي رڪارڊ قائم ٿيا آهن.

مزید خبریں