رام الله-04 فيبروري (اي پي پي)فلسطين جي صدر محمود عباس پي ايل او جي پهرين پارلياماني چونڊ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب صدر محمود عباس پهريون ڀيرو فلسطين لبريشن آرگنائزيشن (پي ايل او ) جي پارليامينٽ فلسطين نيشنل ڪائونسل (پي اين سي ) لاءِ چونڊن جو اعلان ڪيو آهي جيڪي پهرين نومبر تي منعقد ٿينديون. صدر محمود عباس جيڪو فلسطين اٿارٽي ۽ پي ايل او ٻنهي جو صدر آهي، هڪ …
فلسطين جي صدر محمود عباس پاران پي ايل او جي پهرين پارلياماني چونڊ جو اعلان

مزید خبریں
رام الله-04 فيبروري (اي پي پي)فلسطين جي صدر محمود عباس پي ايل او جي پهرين پارلياماني چونڊ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب صدر محمود عباس پهريون ڀيرو فلسطين لبريشن آرگنائزيشن (پي ايل او ) جي پارليامينٽ فلسطين نيشنل ڪائونسل (پي اين سي ) لاءِ چونڊن جو اعلان ڪيو آهي جيڪي پهرين نومبر تي منعقد ٿينديون. صدر محمود عباس جيڪو فلسطين اٿارٽي ۽ پي ايل او ٻنهي جو صدر آهي، هڪ حڪم نامو جاري ڪيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جتي ممڪن ٿي سگهيو فلسطين جي اندر ۽ ٻاهر ٻنهي هنڌن تي چونڊون منعقد ڪيون وينديون ته جيئن ڪٿي به رهندڙ فلسطيني عوام جي امڪاني شرڪت کي يقيني بڻائي سگهجي.











