عالمي منڊي ۾ سون جي قيمتن ۾ نمايا اضافو رڪارڊ

نيويارڪ - 04 فيبروري (اي پي پي) عالمي منڊين ۾ محفوظ سيڙپڪاري جي وڌندڙ گھرج سبب سون جي قيمتن ۾ نمايا اضافو رڪارڊ ٿيو آهي ۽ سون 2008ع کانپوءِ پنھنجي بھترين روزانو ڪارڪردگي ڏيکاري. پرڏيھي ميڊيا مطابق اربع ڏينھن اسپاٽ گولڊ 2.7 سيڪڙو جي اضافي سان 5071.79 ڊالرز في اونس تائين پھچي ويو جڏھن ته اڱاري ڏينھن سون جي قيمت ۾ 5.9 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو نومبر …

نيويارڪ – 04 فيبروري (اي پي پي) عالمي منڊين ۾ محفوظ سيڙپڪاري جي وڌندڙ گھرج سبب سون جي قيمتن ۾ نمايا اضافو رڪارڊ ٿيو آهي ۽ سون 2008ع کانپوءِ پنھنجي بھترين روزانو ڪارڪردگي ڏيکاري. پرڏيھي ميڊيا مطابق اربع ڏينھن اسپاٽ گولڊ 2.7 سيڪڙو جي اضافي سان 5071.79 ڊالرز في اونس تائين پھچي ويو جڏھن ته اڱاري ڏينھن سون جي قيمت ۾ 5.9 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو نومبر 2008ع کانپوءِ سڀ کان وڏو روزانو اضافو قرار ڏنو پيو وڃي. اپريل لاءِ آمريڪي سون جي فيوچرز 3.2 سيڪڙو جي اضافي سان 5092.0 ڊالرز في اونس تائين پھچي ويو. اھڙي طرح اسپاٽ چاندي جي قيمت 3.2 سيڪڙو جي واڌ سان 87.84 ڊالرز في اونس ٿي وئي. ٻين قيمتي ڌاتن ۾ اسپاٽ پلاٽينيم 2.9 سيڪڙو جي اضافي سان 2273.70 ڊالرز في اونس تي پھچي ويو، جڏھن ته 26 جنوري تي اھو 2918.80 ڊالرز جي آل ٽائيم ھاءِ سطح تائين پھچي ويو ھو. اھڙي طرح پيلاڊيم جي قيمت ۾ 3 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اھو 1784.67 ڊالرز في اونس تي رڪارڊ ڪيو ويو.

مزید خبریں