رياض-04 فيبروري(اي پي پي) مڪي مڪرمه جي حرا ڪلچرل ڊسٽرڪٽ ۾ موجود قرآن ميوزيم ۾ رکيل دنيا ۾ پنهنجي نوعيت جي سڀ کان وڏي قرآن ڪريم جي نسخي کي گنيز بڪ آف ورلڊ ريڪارڊ ۾ درج ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب قرآن ڪريم 700 صفحن تي ٻڌل آهي ان جو ڳاڻيٽو( 312220)سينٽي ميٽر آهي . قرآن پاڪ جي ان نسخي کي ڏهين صدي هجري جي قرآن ڪريم جي وڏي …
سعودي عرب جي قرآن ميوزيم ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي قرآن پاڪ جو نسخو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ درج

مزید خبریں
رياض-04 فيبروري(اي پي پي) مڪي مڪرمه جي حرا ڪلچرل ڊسٽرڪٽ ۾ موجود قرآن ميوزيم ۾ رکيل دنيا ۾ پنهنجي نوعيت جي سڀ کان وڏي قرآن ڪريم جي نسخي کي گنيز بڪ آف ورلڊ ريڪارڊ ۾ درج ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب قرآن ڪريم 700 صفحن تي ٻڌل آهي ان جو ڳاڻيٽو( 312220)سينٽي ميٽر آهي . قرآن پاڪ جي ان نسخي کي ڏهين صدي هجري جي قرآن ڪريم جي وڏي نسخي طور بڻايو ويو آهي جنهن جو اصل ڳاڻيٽو (3045) سينٽي ميٽر آهي. سورتن جي خلط ثلث جڏهن ته سوره فاتحه کي خط نسخ ۾ لکيو ويو آهي. قرآن مجيد جو اهو نسخو عربي فن خطاطي، گلڊنگ ۽ بائنڊنگ جو هڪ منفرد مثال آهي جنهن ۾ اسلامي طرز جي خصوصيت ۽ سجاوٽ واضح آهي .ذڪر جوڳي ڳالهه اها آهي ته قرآن مجيد جي قديمي نسخي کي سال هجري 1300 موجب (1883ع) ۾ وقف ڪيو ويو هيو جيڪو هيستائين شاهه عبدالعزيز ڪامپليڪس اوقاف لائبريري ۾ محفوظ آهي. مڪي شريف جي مشهور حرا ڪلچر ڊسٽرڪٽ ۾ قرآن ميوزيم ۾ عهد رفته جا شاندار ۽ ناياب قرآني نسخا موجود آهن.











