لنڊن - 3 فيبروري(اي پي پي) برطانيه ايران ۾ تازو بدامني کي منهن ڏيڻ ۾ مبينه ڪردار جي الزام ۾ ايران جي 10 شخصيتن ۽ هڪ اداري تي نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه برطانوي پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چئي وئي آهي.بيان مطابق پابندين هيٺ ايران جو گهرو وزير اسڪندر مومني، لورستان يوبي پوليس جو چيف محمد رضا هاشمي، پبلڪ سيڪيورٽي …
برطانيه پاران ايران جي اختيارين تي نيون پابنديون لاڳو

مزید خبریں
لنڊن – 3 فيبروري(اي پي پي) برطانيه ايران ۾ تازو بدامني کي منهن ڏيڻ ۾ مبينه ڪردار جي الزام ۾ ايران جي 10 شخصيتن ۽ هڪ اداري تي نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه برطانوي پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چئي وئي آهي.بيان مطابق پابندين هيٺ ايران جو گهرو وزير اسڪندر مومني، لورستان يوبي پوليس جو چيف محمد رضا هاشمي، پبلڪ سيڪيورٽي پوليس جو سربراهه سيد مجيد فيض جعفري، پاسدارن انقلاب (آءِ آر جي سي) جي فارس صوبي جو ڪمانڊر سميت ڪيتريون ئي فوجي ۽ عدالتي اختياريون شامل آهن . برطانوي پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته برطانيه هيستائين ايران جي 550 کان وڌيڪ شخصيتن ۽ ادارن تي پابنديون لاڳو ڪري چڪو آهي. جن ۾ پاسداران انقلاب کي مڪمل طور تي پابندين جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ به شامل آهي . اهو قدم اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن تازن ڏينهن ۾ آمريڪا ۽ يورپي يونين به ايران خلاف اهڙي نوعيت جا قدم کڻي چڪا آهن.











