گڏيل قومون - 3 فيبروري(اي پي پي)گڏيل قومن جي انساني امدادي ادارن رفع ڪراسنگ جي ٻيهر کلڻ بعد عالمي برادري کي اپيل ڪئي آهي ته اها غزه جي مريضن کي علاج لاءِ قبول ڪري. پرڏيهي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن جي انساني معاملن جي رابطن بابت آفيس(او سي ايڇ اي ) چيو آهي ته عالمي قانون مطابق شهرين کي رضاڪاراڻي ۽ محفوظ طريقي سان اچ وڃ جي اجازت ڏيڻ گهرجي، جڏهن …
گڏيل قومون پاران رفع ڪراسنگ جي ٻيهر کلڻ بعد عالمي برادري کي غزه جي مريضن جو علاج ڪرائڻ جي اپيل

مزید خبریں
گڏيل قومون – 3 فيبروري(اي پي پي)گڏيل قومن جي انساني امدادي ادارن رفع ڪراسنگ جي ٻيهر کلڻ بعد عالمي برادري کي اپيل ڪئي آهي ته اها غزه جي مريضن کي علاج لاءِ قبول ڪري. پرڏيهي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن جي انساني معاملن جي رابطن بابت آفيس(او سي ايڇ اي ) چيو آهي ته عالمي قانون مطابق شهرين کي رضاڪاراڻي ۽ محفوظ طريقي سان اچ وڃ جي اجازت ڏيڻ گهرجي، جڏهن ته رفع ۽ ٻين گذرگاهن ذريعي انساني امداد مناسب مقدار ۾ ۽ گهٽ پابندين سان غزه ۾ داخل ٿيڻ گهرجي. او سي ايڇ اي مطابق هن وقت غزه مان 18 هزار 500 کان وڌيڪ مريض، جن ۾ 4 هزار ٻار به شامل آهن، طبي واپسي جا منتظر آهن ڇو ته کين گهربل علاج مقامي سطح تي دستياب ناهي. اداري چيو ته سڀ کان موثر حل اولهه ڪناري، خاص طور تي اوڀر يروشلم ۾ مريضن جي منتقلي جي بحالي ۽ غزه ۾ تباهه ٿيل طبي سهولتن جي مرمت آهي. او سي ايڇ واضع ڪيو ته جيستائين اهي قدم ممڪن نٿا ٿين ته ميمبر ملڪن کي گهرجي ته هو مريضن کي قبول ڪن ته جيئن هر فرد کي وقت تي علاج ملي سگهي .اداري مطابق صحت جو عالمي وارو ادارو غزه مان طبي واپسي جي ڪوششن جي حمايت ڪري رهيو آهي . رفع ڪراسنگ جي محدود بحالي جي نتيجي ۾ ڪجهه مريضن ۽ ان سان گڏ ايندڙ ماڻهو سڌيءَ ريت مصر منتقل ٿيا، جڏهن ته ٻيا ماڻهو اسرائيل جي انتظام هيٺ ڪيرم شالوم ڪراسنگ ذريعي گذريا. او سي ايڇ اي ٻڌايو ته گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام رفع کان واپس ايندڙ ماڻهن کي خان يونس جي ناصر اسپتال تائين پهچائڻ لاءِ بس سروس فراهم ڪرڻ جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي، جتان اوچا ۽ ان جي شراڪتدارن استقبالي مرڪز قائم ڪيا آهن . بيان مطابق استقبالي مرڪزن تي نفسيات جا ماهر ۽ تحفظ جا ماهر مقرر آهن ، جڏهن ته غذائي شيون ، معلوماتي مواد ۽ انٽرنيٽ سهولت به فراهم ڪئي وئي آهي ته جيئن واپس ايندڙن کي فوري مدد ۽ ضروري خدمت تائين رسائي ڏني وڃي.
er











