ماسڪو-02 فيبروري (اي پي پي)بٽ ڪوائن جي قيمت 7 اپريل 2025ع کانپوءِ پهريون ڀيرو 75 هزار آمريڪي ڊالرن کان گهٽجي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سومر تي ماسڪو ۾ صبح جو 6 لڳي 30 منٽن تي بٽ ڪوائن جي قيمت 74،859.9 ڊالرز رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل سطح جي ڀيٽ ۾ 4.89 سيڪڙو گهٽ آهي. پر ڪجهه منٽن بعد قيمت ۾ گهٽتائي جي رفتار ۾ سستي ڏٺي وئي. ماسڪو جي …
بٽ ڪوائن جي قيمت 75 هزار ڊالرن کان گهٽجي وئي
ماسڪو-02 فيبروري (اي پي پي)بٽ ڪوائن جي قيمت 7 اپريل 2025ع کانپوءِ پهريون ڀيرو 75 هزار آمريڪي ڊالرن کان گهٽجي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سومر تي ماسڪو ۾ صبح جو 6 لڳي 30 منٽن تي بٽ ڪوائن جي قيمت 74،859.9 ڊالرز رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل سطح جي ڀيٽ ۾ 4.89 سيڪڙو گهٽ آهي. پر ڪجهه منٽن بعد قيمت ۾ گهٽتائي جي رفتار ۾ سستي ڏٺي وئي. ماسڪو جي وقت مطابق صبح جو 6 لڳي 35 منٽن تي بٽ ڪوائن جي قيمت 74،865 ڊالرن تائين پهچي وئي، جيڪا 4.88 سيڪڙو جي گهٽتائي جي برابر آهي.











