واشنگٽن-01 فيبروري (اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته ايران سنجيدگي سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي ۽ ڳالهين مان ڪنهن حد تائين قبولڻ جوڳي اميد ڪري سگهجي ٿي. پرڏيهي ميڊيا موجب واشنگٽن کان فلوريڊا جي سفر دوران صدارتي جهاز ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر چيو ته ايران آمريڪا سان سنجيدگي سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته تهران ڪنهن ”قبولڻ جوڳي شيءِ“ …
تهران سنجيدگي سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، ڳالهين مان ڪنهن حد تائين قبولڻ جوڳي اميد ڪري سگهجي ٿي: ڊونلڊ ٽرمپ
واشنگٽن-01 فيبروري (اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته ايران سنجيدگي سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي ۽ ڳالهين مان ڪنهن حد تائين قبولڻ جوڳي اميد ڪري سگهجي ٿي. پرڏيهي ميڊيا موجب واشنگٽن کان فلوريڊا جي سفر دوران صدارتي جهاز ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر چيو ته ايران آمريڪا سان سنجيدگي سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته تهران ڪنهن ”قبولڻ جوڳي شيءِ“ تي ڳالهيون ڪندو. ياد رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ گذريل ڏينهن فاڪس نيوز سان ڳالهائيندي چيو هو ته تهران اسان سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، ڏسنداسين ته اسان ڪجهه ڪري سگهون ٿا يا نه. ٻئي پاسي ايران جي اعليٰ قومي سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي لاريجاني چيو آهي ته آمريڪا سان ڳالهيون لاءِ فريم ورڪ تيار ڪيو پيو وڃي. هن هڪ پوسٽ ۾ لکيو ته مصنوعي ميڊيا جنگ جي فضا جي ابتڙ ڳالهين جي ڍانچي جي تياري جاري آهي. جڏهن ته هن وڌيڪ تفصيل فراهم ناهن ڪيا.











