جده – 01 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب ۾ هڪ هفتي دوران اقامه، ليبر ۽ سرحدي قانونن جون وڌيڪ 19 هزار 975 ڀڃڪڙيون رڪارڊ ڪيون ويون جڏهن ته 14 هزار 867 غير قانوني پرڏيهين کي سندن ملڪ واپس موڪليو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق 22 کان 28 جنوري 2026ع وچ ۾ 12 هزار 906 اقامه قانون، 3 هزار 918 بارڊر سيڪيورٽي ۽ 3 هزار 151 محنت جي قانون جون ڀڃڪڙيون …
سعودي عرب ۾ اقامه ۽ ليبر قانونن جون 19 هزار 975 ڀڃڪڙيون رڪارڊ، 14 هزار 867 غير قانوني پرڏيهين جي بي دخلي
جده – 01 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب ۾ هڪ هفتي دوران اقامه، ليبر ۽ سرحدي قانونن جون وڌيڪ 19 هزار 975 ڀڃڪڙيون رڪارڊ ڪيون ويون جڏهن ته 14 هزار 867 غير قانوني پرڏيهين کي سندن ملڪ واپس موڪليو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق 22 کان 28 جنوري 2026ع وچ ۾ 12 هزار 906 اقامه قانون، 3 هزار 918 بارڊر سيڪيورٽي ۽ 3 هزار 151 محنت جي قانون جون ڀڃڪڙيون رڪارڊ ڪيون ويون آهن. سعودي عرب ۾ غير قانوني طور تي داخل ٿيڻ جي ڪوشش تي هڪ هزار 419 مانهن کي گرفتار ڪيو ويو، انهن ۾ 60 سيڪڙو ايٿوپين، 39 سيڪڙو يمني ۽ هڪ سيڪڙو ٻين ملڪن سان تعلق رکن ٿا. ان کان علاوه 48 اهڙن ماڻهن کي به پڪڙيو ويو آهي جيڪي سرحد پار ڪري سعودي عرب مان پاڙيسري ملڪن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. سفر، رهائش، روزگار ۽ پناهه ڏيڻ جي ڪوششن ۾ ملوث 11 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.











