وزيراعظم پاران پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل شفاف انداز ۾ مڪمل ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار

اسلام آباد - 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل شفاف انداز ۾ مڪمل ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان يقين جو اظهار ڪيو آهي ته نجڪاري کانپوءِ پي آءِ اي جي عظمت بحال ٿيندي ۽ عوام کي نه رڳو بهترين سفري سهولتون ملنديون پر پاڪستان جو نالو پڻ بلند ٿيندو. هو پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي نجڪاري جي حوالي سان …

اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل شفاف انداز ۾ مڪمل ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان يقين جو اظهار ڪيو آهي ته نجڪاري کانپوءِ پي آءِ اي جي عظمت بحال ٿيندي ۽ عوام کي نه رڳو بهترين سفري سهولتون ملنديون پر پاڪستان جو نالو پڻ بلند ٿيندو. هو پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي نجڪاري جي حوالي سان حڪومت ۽ عارف حبيب ڪنسورشيم جي وچ ۾ ٽرانزيڪشن جي دستاويزن تي صحيحن جي مٽاسٽا واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وزيراعظم جي صلاحڪار محمد علي سميت اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ جي تقريب تاريخي اهميت رکندڙ آهي جنهن تي قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو، پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل شفاف انداز ۾ بخوبي انجام تي پهتو. هن چيو ته عارف حبيب ڪنسورشيم جو ملڪي صنعتي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪردار نمايان آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نجڪاري کانپوءِ پي آءِ اي مسافرن جي لاءِ آرام واري سفر، ان جي تحفظ ۽ وقار کي يقيني بڻائيندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين جو هوابازي جي شعبي ۾ اهم مقام هو ۽ نه رڳو پاڪستان پي سڄي دنيا ۾ پي آءِ اي کي مڃيو ويندو هو ۽ ”گريٽ پيپل ٽو فلاءِ ود“ جو سلوگن پي آءِ اي جي سڃاڻپ هئي. وزيراعظم چيو ته هو پراميد آهي ته پي آءِ اي جي عظمت بحال ٿيندي، سهولتن جي بهتري سان اداري جو معيار پڻ بهتر ٿيندو. هن نجڪاري جي ڪامياب عمل ۾ سمورن حصيدارن جي ڪوششن تي انهن جا ٿورا ادا ڪندي چيو ته نائب وزيراعظم، فيلڊ مارشل ۽ حڪومتي ٽيم ان سلسلي ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو اهو بي مثال آهي، نجڪاري جي عمل ۾ ڀرپور شرڪت تي ڪنسورشيم جو ڪردار به ساراهه جوڳو آهي. هن نجڪاري واري صلاحڪار محمد علي جي پرائيويٽائيزيشن جي عمل ۾ اهم ڪردار کي ساراهيندي چيو ته سمورن چئلينجز تي ضابطو آڻيندي انتهائي شفاف انداز ۾ نجڪاري مڪمل ٿي. وزيراعظم چيو ته ٻولي جو سڄو عمل سڌوسنئون ڏيکاريو ويو، نجڪاري کانپوءِ پي آءِ اي تي سيڙپڪاري مان 55 ارب رپيا قومي خزاني ۾ ايندا. وزيراعظم چيو ته کيس ڪو شڪ نه آهي ته ڪنسورشيم جي محنت ۽ جذبي سان پاڪستان جو وقار بلند ٿيندو، عوام کي نه رڳو بهترين سفري سهولتون ملنديون پر پاڪستان جو نالو به بلند ٿيندو. ڪنسورشيم جي چيئرمين عارف حبيب تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته کيس خوشي آهي ته پاڪستاني سيڙپڪارن کي اڳتي اچڻ جو موقعو ڏنو ويو، اسان قومي ڪاز جي لاءِ پاڻ کي پيش ڪيو. هن ٻڌايو ته 180 ارب رپين جي سيڙپڪاري ۾ 125 ارب رپيا پي آءِ اي جي بهتري تي خرچ ٿيندا. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪاروبار جي لاءِ ماحول سازگار آهي، ميڪرو اڪنامڪ استحڪام جي ڪري سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي، بوئنگ ڪمپني سان انتهائي ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، حڪومتي سرپرستي سان سيڙپڪار وڌيڪ بهتر ڪ ڪري سگهندا، خدمتن ۾ بهتري، اسٽاف جي ڀلائي ۽ ٽيڪس آمدني ۾ اضافو ٿيندو. هن يقين ڏياريو ته هو حڪومت ۽ عوام جي اميدن تي پورو لهندا ۽ ڏينهن رات محنت سان پي آءِ اي جي عظمت بحال ڪندا. وزيراعظم جي نجڪاري واري صلاحڪار محمد علي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته صحيحن واري تقريب هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿي، هي تقريب سڌارن جي عمل ۾ موجوده حڪومت جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ڪنسورشيم 180 ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪندو، رقم جا 125 ارب رپيا پي آءِ اي جي صلاحيت ۾ اضافي تي خرچ ٿيندا جڏهن ته 55 ارب رپيا حڪومتي خزاني ۾ جمع ٿيندا. هن چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سيڙپڪار ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ پرعزم آهن. ان کان اڳ تقريب ۾ حڪومتي ۽ ڪنسورشيم جي نمائندن پاران نجڪاري جي دستاويزن تي صحيحون ڪيون ويون.

مزید خبریں