وزيراعظم پاران بنون ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز کي شاباس

اسلام آباد - 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعطم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم 3 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هن …

اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعطم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم 3 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هن چيو ته پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز وقت سر گڏيل ڪارروائي ڪري دهشتگردن جي ڪڌي ارادن کي ناڪام بڻايو، قوم جي حمايت سان فتنه الخوارج جي دهشتگردن جو مڪمل صفايو ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي.

مزید خبریں