اسلام آباد - 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، ترقي ۽ سلامتي، مائيگريشن ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ واپار جي فروغ ۾ جي ايس پي پلس اسڪيم جي اهم ڪردار تي زور …
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان يورپي يونين جي پاڪستان ۾ سفير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، ترقي ۽ سلامتي، مائيگريشن ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ واپار جي فروغ ۾ جي ايس پي پلس اسڪيم جي اهم ڪردار تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان يورپي يونين جي پاڪستان ۾ سفير رائمونڊاس ڪاروبلس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وزيراعظم جو صلاحڪار ڊاڪٽر سيد توقير شاهه، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پڻ وزيراعظم سان گڏ موجود هئا. وزيراعظم يورپي يونين جي سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان گڏيل مفاد تي ٻڌل واپاري لاڳاپن خاص طور تي جي ايس پي پلس تحت واپار جي فروغ جي قدمن تي ويجهي تعاون جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم يورپي يونين جي سفير جنهن ڪجهه مهينا اڳ ئي پاڪستان ۾ پنهنجون ذميواريون سنڀاليون آهن، جي آجيان ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، ترقي ۽ سلامتي، مائيگريشن ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ واپار جي فروغ ۾ جي ايس پي پلس اسڪيم جي اهم ڪردار تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان حڪومت يورپي يونين سان خاص طور تي جي ايس پي پلس جي ذريعي گڏيل مفاد تي ٻڌل واپاري فروغ جي قدمن تي ويجهي تعاون جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم گذريل سال نومبر ۾ برسلز ۾ منعقد ٿيندڙ پاڪستان – يورپي يونين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي ستين دور تي پڻ اطمينان جو اظهار ڪيو جنهن ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪئي هئي. يورپي يونين جي سفير پاڪستان اچڻ کانپوءِ وزيراعظم پاران ملندڙ شاندار استقبال تي دلي ٿورن جو اظهار ڪيو ۽ يقين ڏياريو ته هو پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن کي سمورن شعبن ۾و ڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن يورپي يونين جي قيادت پاران وزيراعظم جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام پڻ پهچايو ۽ چيو ته يورپي يونين جي ايس پي پلس تحت واپار جي فروغ سان گڏوگڏ واپاري سرگرمين بشمول اپريل ۾ منعقد ٿيندڙ پهرين يورپي يونين – پاڪستان بزنس فورم جي ذريعي پاڪستان سان ويجهي رابطي جي لاءِ پرعزم آهي.











