اسلام آباد - 29 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاران لاهور هاءِ ڪورٽ جي 11 ايڊيشنل ججز کي مستقل جج مقرر ڪرڻ جي منظوري کانپوءِ قانون ۽ انصاف واري وزارت باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن. قانون ۽ انصاف واري وزارت پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب صدر پاڪستان جي آئين تحت اختيار استعمال ڪندي لاهور هاءِ ڪورٽ جي 11 ايڊيشنل ججز جي خدمتن کي مستقل حيثيت ڏيڻ جي …
صدر جي لاهور هاءِ ڪورٽ جي 11 ايڊيشنل ججز کي مستقل جج مقرر ڪرڻ جي منظوري کانپوءِ قانون ۽ انصاف واري وزارت باضابطا نوٽيفڪيشن جاري

مزید خبریں
اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاران لاهور هاءِ ڪورٽ جي 11 ايڊيشنل ججز کي مستقل جج مقرر ڪرڻ جي منظوري کانپوءِ قانون ۽ انصاف واري وزارت باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن. قانون ۽ انصاف واري وزارت پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب صدر پاڪستان جي آئين تحت اختيار استعمال ڪندي لاهور هاءِ ڪورٽ جي 11 ايڊيشنل ججز جي خدمتن کي مستقل حيثيت ڏيڻ جي منظوري ڏني. اهڙي طرح صدر لاهور هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل جج جسٽس طارق محمود باجوه جي ملازمت جي مدي ۾ 6 مهينن جي توسيع جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. قانون ۽ انصاف واري وزارت ان حوالي سان جدا نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب اهي فيصلا مجاز اٿارٽي جي منظوري سان لاڳو هوندا. قانون واري وزارت جو چوڻ آهي ته عدالتي نظام جي استحڪام ۽ ڪيسن جي وقت سر فيصلن جي لاءِ اهو قدم اهم اڳڀرائي آهي.











