سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان پاران آر آءِ يو جي، جي نون چونڊيل عھديدارن کي مبارڪون

اسلام آباد - 29 جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان راولپنڊي/ اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس (آر آءِ يو جي) جي ساليانين چونڊن سال 2026ع ڪامياب نموني منعقد ٿيڻ تي نون چونڊيل عھديدارن کي دلي مبارڪون پيش ڪيون آھن. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان مطابق ھن سمورن عھديدارن جي بنا مقابلي ڪاميابي کي صحافي برادري جي اعتماد ۽ اتحاد جو مظھر قرار ڏنو. سينيٽ جي وقتي …

اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان راولپنڊي/ اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس (آر آءِ يو جي) جي ساليانين چونڊن سال 2026ع ڪامياب نموني منعقد ٿيڻ تي نون چونڊيل عھديدارن کي دلي مبارڪون پيش ڪيون آھن. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان مطابق ھن سمورن عھديدارن جي بنا مقابلي ڪاميابي کي صحافي برادري جي اعتماد ۽ اتحاد جو مظھر قرار ڏنو. سينيٽ جي وقتي چيئرمين آصف بشير چوڌري کي صدر چونڊجڻ، توصيف عباسي کي نائب صدرن ۽ رشيد ملڪ کي جنرل سيڪريٽري، بشير عثماني کي فنانس سيڪريٽري، اظھار خان نيازي کي جوائنٽ سيڪريٽريز، راجا عمران جنجوعه ۽ راڻا فرحان اسلم کي مبارڪون ڏيندي سندن لاءِ نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو. ھن ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي نون چونڊيل ميمبرن عائشه ناز، علي اختر، نوابزاده شاھه علي، شھزاد راجپوت، حميد عباسي، اسد شر، غفران چشتي، نور ايمن زھرا، اعجاز احمد فڪري ۽ دوست محمد کي مبارڪون ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهي صحافي برادري جي ڀلائي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪندا. سيدال خان چيو ته صحافي معاشري ۾ جمھوري قدرن جي استحڪام، اظھار جي آزادي کي ھٿي ڏيڻ ۽ عوام کي باخبر رکڻ ۾ ڪرنگهي جي ھڏي جي حيثيت رکن ٿا. ھن ان اميد جو اظھار ڪيو ته نئين چونڊيل قيادت صحافين جي درپيش مسئلن جي حل، انھن جي حقن جي تحفظ ۽ صحافتي معيار جي بھتري لاءِ ڀرپور جدو جھد جاري رکندي.

مزید خبریں