وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان جي سريلنڪا جي وزارتي وفد سان ملاقات

ڪولمبو-29 جنوري (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان گذريل ڏينهن سريلنڪا جي اعليٰ سطحي وزارتي وفد سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن خاص ڪري واپار، صنعت، سيڙپڪاري ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ سريلنڪا جي واپار وارو وزير وسنٿا سمراسنگهه، …

ڪولمبو-29 جنوري (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان گذريل ڏينهن سريلنڪا جي اعليٰ سطحي وزارتي وفد سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن خاص ڪري واپار، صنعت، سيڙپڪاري ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ سريلنڪا جي واپار وارو وزير وسنٿا سمراسنگهه، صنعت وارو وزير سنيل هندا نيٺي ۽ صحت وارو نائب وزير مديٿا هنسنڪا شريڪ هئا. ڌرين صنعت ۽ واپار، سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيزز، ڪاروباري موقعن، سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سهڪار تي عمل تي جامع ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي خاص مددگار هارون اختر خان چيو ته وزيراعظم جي ويزن موجب خطي ۾ معاشي تعاون، گڏيل واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ کي ترجيح ڏني پئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جا تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل آهن، جن کي هاڻي هڪ اسٽريٽجڪ اڪنامڪ حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي خواهش آهي. هارون اختر وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل دوستي هاڻي عملي معاشي تعاون، ڊجيٽل اڪانامي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي شعبن تائين پکڙجي رهي آهي، جيڪا خطي ۾ پائيدار ترقي لاءِ اهم ثابت ٿيندي. سريلنڪا جي واپار واري وزير وسنٿا سمراسنگهه ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي دوستي وقت جي ڪسوٽي تي پوري لٿي آهي ۽ هاڻي هي لاڳاپا مضبوط معاشي حصيداري ۾ تبديل ٿي رهيا آهن. ٻنهي ڌرين گڏيل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ، گڏيل منصوبن کي هٿي وٺرائڻ ۽ علائقائي معاشي استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں