اسلام آباد-29 جنوري (اي پي پي) پوليو جي خاتمي بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ ستن ڏينهن واري پوليو جي خاتمي واري مهم 2 فيبروري کان شروع ٿيندي جيڪا 8 فيبروري تائين جاري رهندي. مهم دوران 4 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل …
سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم 2 فيبروري کان شروع ٿيندي: پوليو جي خاتمي بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق

مزید خبریں
اسلام آباد-29 جنوري (اي پي پي) پوليو جي خاتمي بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ ستن ڏينهن واري پوليو جي خاتمي واري مهم 2 فيبروري کان شروع ٿيندي جيڪا 8 فيبروري تائين جاري رهندي. مهم دوران 4 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن ٻڌايو ته مهم دوران 4 لک کان وڌيڪ پوليو ورڪرز گهر گهر وڃي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريندا. هن والدين ۽ ڪميونٽي کي اپيل ڪئي ته هو هر مهم ۾ پوليو ٽيمن سان مڪمل سهڪار ڪن ۽ پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا ضرور پيارين. هن چيو ته 2025ع ۾ پوليو ڪيسن ۾ گهٽتائي ٿي ۽ صرف 31 ڪيس رپورٽ ٿيا. هن ٻڌايو ته پوليو مهم جي بجيٽ جو 70 سيڪڙو حصو عالمي حصيدار فراهم ڪندا آهن جڏهن ته 30 سيڪڙو پاڪستان حڪومت طرفان ڏنو ويندو آهي.هن چيو ته پوليو مهم سان گڏوگڏ ٻين بيمارين کان بچاءُ جي ويڪسينيشن به ڪئي پئي وڃي.هن ٻڌايو ته گذريل سال صحت واري وفاقي وزير اسيمبلي ميمبرن سان گڏجي پوليو مهم ۾ حصو ورتو جنهن جي نتيجي ۾ پوليو ڪيسن ۾ نمايان گهٽتائي آئي. هن چيو ته پوليو ٽيمن جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ اثرائتو ۽ مضبوط بنايو ويو آهي ۽ پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن ٻڌايو ته پوليو ڊيوٽي دوران ايف سي، نيوي ۽ فوجي جوان شهيد ٿي چڪا آهن جڏهن ته شهيد پوليو ورڪرن جي پوئينرن کي 10 لک روپيا ۽ زخمين کي 5 لک روپيا معاوضو ڏنو ويندو آهي.











