نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان فون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد- 29 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار خميس ڏينهن ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب، نائب وزيراعظم بدلجندڙ علائقائي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري اڳتي وڌڻ جو واحد قابل عمل رستو آهي. ٻنهي اڳواڻن ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق …

اسلام آباد- 29 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار خميس ڏينهن ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب، نائب وزيراعظم بدلجندڙ علائقائي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري اڳتي وڌڻ جو واحد قابل عمل رستو آهي. ٻنهي اڳواڻن ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں