راولپنڊي-29 جنوري(اي پي پي) چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف، فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته مستقبل جي جنگ جي ميدان ۾ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل حڪمت عملي جسماني چر پر جي جاءِ وٺندي، جنهن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جي هٿياربند فوج جديد ترين حربي صلاحيتن ۽ گهڻ رخي جنگ جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ تيزي سان ارتقائي مرحلا طئي ڪري رهي آهي. انهن خيالن جو اظهار …
پاڪستان جي هٿياربند فوج جديد ترين حربي صلاحيتن ۽ گهڻ رخي جنگ جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ تيزي سان ارتقائي مرحلا طئي ڪري رهي آهي: فيلڊ مارشل عاصم منير

مزید خبریں
راولپنڊي-29 جنوري(اي پي پي) چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف، فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته مستقبل جي جنگ جي ميدان ۾ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل حڪمت عملي جسماني چر پر جي جاءِ وٺندي، جنهن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جي هٿياربند فوج جديد ترين حربي صلاحيتن ۽ گهڻ رخي جنگ جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ تيزي سان ارتقائي مرحلا طئي ڪري رهي آهي. انهن خيالن جو اظهار هن بهاولپور گيريزن جي دوري ۽ خيرپور ٽاميوالي ۾ اعليٰ سطح جي فيلڊ مشقن جي مشاهدي جي موقعي تي جوانن کي خطاب ڪندي ڪيو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مطابق ان موقعي تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي ڪور جي مختلف آپريشنل، تربيتي ۽ انتظامي رخن، خاص طور تي گهڻ رخي جنگ جي تيارين تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف خيرپور ٽاميوالي ۾ اعليٰ سطح جي فيلڊ مشق ”استقامت عزم“ جو مشاهدو ڪيو. انهن مشقن ۾ ڊرونز، جديد ترين نگراني جي اوزارن، اليڪٽرانڪ وار فيئر جي اثاثن ۽ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول جي جديد مڪينزم جهڙين جديد ٽيڪنالاجيز جي انضمام جو مظاهرو ڪيو ويو، جيڪو هٿياربند فوج جي ٽيڪنالاجي تي ٻڌل گهڻ رخي آپريشنز تي ڌيان جي عڪاسي ڪري ٿي. فوجي جوانن کي خطاب ڪندي آرمي چيف سندن بلند حوصلي، پيشيوراڻي مهارت ۽ آپريشنل تيارين کي ساراهيو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج وطن جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي دفاع لاءِ هر قسم جي خطرن خلاف مڪمل طور تيار آهي. هن مستقبل جي جنگ جي ميدان جي گهرجن ۽ سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار رهڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج مختلف شعبن ۾ وڏين تبديلين جي عمل مان گذري رهي آهي. جنگ جي نوعيت ۾ وڏي پيماني تي تبديلي آئي آهي، جتي ٽيڪنالاجي جي ترقي ارتقا جو سبب بڻجي رهي آهي ۽ هر سطح تي ذهني تبديلي جي گهر ڪري ٿي. مستقبل ۾ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل حڪمت عملي جسماني چر پر جي جاءِ وٺندي ۽ جارحاڻي ۽ دفاعي ڪارروائين جي انداز کي بنيادي طور تي تبديل ڪري ڇڏيندي، ان ڪري پاڪستان جي هٿياربند فوج تيزي سان ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪري رهي آهي. ان عمل ۾ جدت، مقامي طور تي تياري ۽ حالتن مطابق هلڻ بنيادي اهميت رکن ٿا. ان کان اڳ آرمي چيف ”روهي اي- اسڪلز لرننگ حب“ (ايس ٽي پي) جو افتتاح ڪيو، جنهن جو مقصد سڄي ملڪ، خاص طور تي ڏکڻ پنجاب جي شاگردن لاءِ ڊجيٽل مهارتون ۽ سکڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي. هن اي پي ايس عباسيه ڪيمپس جو به افتتاح ڪيو، جيڪو تعليم ۽ ڪردار سازي جي حوالي سان پاڪ فوج جي عزم جو واضح ثبوت آهي. بعد ۾ آرمي چيف اي ايم اي ريجنل ورڪشاپ جو دورو ڪيو، جتي کيس جديد ٽيڪنالاجيز، مقامي مهارت ۽ ٻين جنگي امدادي قدمن ذريعي جديد پليٽ فارمز جي سار سنڀال ۽ انهن کي فعال رکڻ جي نظام بابت بريفنگ ڏني وئي. بهاولپور گيريزن آمد تي ڪور ڪمانڊر بهاولپور آرمي چيف جي آجيان ڪئي. هن شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ شهيدن جي عظيم قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ فاتحه خواني ڪئي.











