اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ۽ پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ گذريل ڏينهن ناڻي واري وزارت ۾ آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ملز ايسوسيئيشن (آپٽما) جي وفد سان ملاقات ڪئي ۽ ٽيڪسٽائل شعبي کي درپيش اهم مسئلن جي حل لاءِ حڪومت طرفان مسلسل رابطي ۽ سهڪار جي خاطري ڪرائي. ملاقات دوران وفاقي وزيرن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٽيڪسٽائل …
وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ۽ وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ملز ايسوسيئيشن جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ۽ پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ گذريل ڏينهن ناڻي واري وزارت ۾ آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ملز ايسوسيئيشن (آپٽما) جي وفد سان ملاقات ڪئي ۽ ٽيڪسٽائل شعبي کي درپيش اهم مسئلن جي حل لاءِ حڪومت طرفان مسلسل رابطي ۽ سهڪار جي خاطري ڪرائي. ملاقات دوران وفاقي وزيرن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٽيڪسٽائل صنعت پاڪستان جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، ڇاڪاڻ ته هي روانگي واپار، روزگار ۽ صنعتي سرگرمين ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري ٿي. هن وسيع تر معاشي سڌارن جي فريم ورڪ تحت ان شعبي جي پائيدار مستقبل لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وزيرن ڪاروباري طبقي لاءِ منصفاڻو ۽ بهتر پاليسي ماحول برقرار رکڻ جي حڪومتي عزم کي به پڻ ورجايو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته معيشت ۾ برابري، شفافيت ۽ گهڻ رُخي شموليت کي يقيني بڻائڻ اڻٽر آهي. ان موقعي تي ٻُڌايو ويو ته ضابطه ڪار شعبن جي حقيقي خدشن جي ازالي لاءِ قدم جاري آهن جڏهن ته بناوتي سڌارن کي مشاورت ۽ اداره جاتي طريقيڪار ذريعي اڳتي وڌايو پيو وڃي. ناڻي واري وفاقي وزير وفد طرفان اُٿاريل خدشن جو نوٽيس وٺندي چيو ته حڪومت روانگي واپار ڪندڙ صنعتن لاءِ ڪاروبار جي لاڳت کي متاثر ڪرڻ وارن معاملن جو سنجيدگيءَ سان جائزو وٺي رهي آهي. هن واضح ڪيو ته توانائيءَ جي قيمتن ۾ استطاعت ۽ فراهميءَ جو تسلسل اهم ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ ڌُرين سان صلاح مشوري سان اهڙن آپشنز تي غور ڪيو پيو وڃي جن سان ڪارڪردگي ۽ چٽاڀيٽي ۾ بهتري اچي، جڏهن ته مالي نظم و ضبط ۽ نظام جي پائيداري به برقرار رهي. سينيٽر محمد اورنگزيب ان ڳالهه تي زور ڀريو ته توانائيءَ جي شعبي ۾ سڌارا متوازن انداز ۾ ڪيا پيا وڃن ته جيئن صنعتي پيداوار کي سهارو ڏئي سگهجي ۽ قومي معيشت جي ڊگهي مُدي وارن مفادن جو تحفظ هجي. هن چيو ته فوري نوعيت جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي ڏٺو پيو وڃي، جڏهن ته وسيع تر پاليسي معاملن کي بجيٽ ۽ سڌارن واري نظام تحت اڳتي وڌايو ويندو. ملاقات ۾ ڪجهه صنعتي علائقن ۾ آپريشنل رڪاوٽن ۽ سپلاءِ سائيڊ بابت چئلينجز تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزيرن وفد کي خاطري ڏياري ته صنعتن جي بنا رنڊڪ سرگرمين کي يقيني بنائڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن سان هم آهنگي جو عمل جاري رکيو ويندو. ان موقعي تي حڪومت ۽ صنعت وچ ۾ تعميري رابطن جي اهميت تي پڻ زور ڀريو ويو، خاص ڪري اهڙي وقت ۾ جڏهن ملڪي ۽ عالمي معاشي حالتون تيزيءَ سان بدلجي رهيون آهن. ان کان اڳ آپٽما جي وفد وفاقي وزيرن کي ٽيڪسٽائل سيڪٽر جي موجوده صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ وڌندڙ چٽاڀيٽيءَ جي روشنيءَ ۾ روانگي واپار ڪندڙن کي درپيش دٻاءُ کان آگاهه ڪيو. وفد نشاندهي ڪئي ته عالمي مارڪيٽ جي بدلجندڙ رجحانن ۽ پيداواري لاڳت ۾ واڌ شعبي لاءِ چئلينجز پيدا ڪري ڇڏيا آهن ۽ روانگي واپار ۽ روزگار جي تسلسل لاءِ هڪ مستحڪم ۽ معاون پاليسي فريم ورڪ جي ضرورت تي زور ڀريو. وفد توانائي جي اگهن، ريگيوليٽري گهرجن ۽ ٽيڪس بابت مسئلن طرف به ڌيان ڇڪرايو ۽ چيو ته مجموعي لاڳت جي دٻاءُ سان عالمي مارڪيٽ ۾ چٽاڀيٽي متاثر ٿئي ٿي. پاليسين ۾ تسلسل، آپريشنل مسئلن جي وقت سر حل ۽ حڪومت سان ملسل ڳالهين جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن صنعت مستقبل جي منصوبا بندي ۽ سيڙپڪاري جي اعتماد کي گڏائي سگهجي. آپٽما جي وفد ۾ چيئرمين ڪامران ارشد، چيئرمين نارٿ زون اسد شفيع، سينيئر وائيس چيئرمين محمد جميل قاسم، وائيس چيئرمين شهزاد احمد شيخ، وائيس چيئرمين صديق جاويد ڀٽي، اڳوڻو چيئرمين عامر فياض شيخ، اڳوڻو چيئرمين رحيم ناصر سميت اجلاس ۾ سيڪريٽري پاور ڊويزن ۽ ناڻي واري وزارت جا سينيئر عملدار به موجود هئا.











