اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زائي ڊونگ چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان معدني وسيلن جي شعبي ۾ سهڪار کي صرف کاڻين جي کوٽائي تائين محدود رکڻ جي بدران فل ويليو چين جي بنياد تي اعليٰ ۽ جامع سطح تائين وٺي وڃڻ چاهيون ٿا جنهن ۾ تلاش، پيداوار، پروسيسنگ، واپار، سيڙپڪاري، تحقيق ۽ تربيت شامل هجي. چين- پاڪستان منرل آپريشن فورم کي خطاب ڪندي …
چين ۽ پاڪستان معدني وسيلن جي شعبي ۾ سهڪار کي کاڻين جي کوٽائي تائين محدود رکڻ جي بدران فل ويليو چين جي بنياد تي جامع سطح تائين وٺي وڃڻ چاهيون ٿا: چيني سفير

مزید خبریں
اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زائي ڊونگ چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان معدني وسيلن جي شعبي ۾ سهڪار کي صرف کاڻين جي کوٽائي تائين محدود رکڻ جي بدران فل ويليو چين جي بنياد تي اعليٰ ۽ جامع سطح تائين وٺي وڃڻ چاهيون ٿا جنهن ۾ تلاش، پيداوار، پروسيسنگ، واپار، سيڙپڪاري، تحقيق ۽ تربيت شامل هجي. چين- پاڪستان منرل آپريشن فورم کي خطاب ڪندي چيني سفير چيو ته ان سهڪار جو مقصد نه صرف معدني وسيلن جي بهتر استعمال کي هٿي ڏيڻ آهي پر پاڪستان ۾ اپ سٽريم ۽ ڊائون سٽريم صنعتي ترقي، مقامي افرادي قوت جي تربيت ۽ معاشي ۽ سماجي ترقي کي کاڻين جي کوٽائي سان هم آهنگ ڪرڻ به آهي. هن چيو ته پاڪستان معدني وسيلن سان مالا مال آهي جڏهن ته اڪثر ننڍي ۽ وچولي درجي جا منصوبا سيڙپ، ٽيڪنالاجي ۽ مهارت جي گهٽتائي جوشڪار آهن. چين فل ويليو چين سهڪار ذريعي پاڪستان کي ان قابل بڻائڻ چاهي ٿو ته هو خام مال جي روانگي واپار جي بدران مقامي پروسيسنگ ۽ ويليو ايڊيشن طرف وڌي. چيني سفير، ماحول دوست ترقي تي زور ڀريندي چيو ته چين گرين مائننگ کي هٿي وٺرائڻ جو حامي آهي ۽ پاڪستان ۾ به کاڻين جي کوٽائي دوران ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ چاهيون ٿا.











