پاڪ بحريه جي ٻن ڪموڊورز جي ريئر ايڊمرل جي عهدي تي ترقي

اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) پاڪ بحريه جي ٻن ڪموڊورز کي ريئر ايڊمرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب ترقي ماڻيندڙن ۾ جاويد ضياء ۽ ارمغان احمد شامل آهن. ريئر ايڊمرل جاويد ضياء 1994ع ۾ پاڪ بحريه جي ويپن انجنيئرنگ برانچ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. هو پاڪستان نيوي وار ڪاليج لاهور ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان تعليم حاصل ڪيل آهي ۽ …

اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) پاڪ بحريه جي ٻن ڪموڊورز کي ريئر ايڊمرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب ترقي ماڻيندڙن ۾ جاويد ضياء ۽ ارمغان احمد شامل آهن. ريئر ايڊمرل جاويد ضياء 1994ع ۾ پاڪ بحريه جي ويپن انجنيئرنگ برانچ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. هو پاڪستان نيوي وار ڪاليج لاهور ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان تعليم حاصل ڪيل آهي ۽ نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) مان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ ماسٽر آف سائنس جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. پنهنجي شاندار ڪيريئر دوران هن مختلف اهم عهدن تي خدمتون سرانجام ڏنيون. هن وقت ريئر ايڊمرل جاويد ضياء نيول هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ ڊپٽي چيف آف نيول اسٽاف (مٽيريل) طور خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي. ريئر ايڊمرل ارمغان احمد 1994ع ۾ پاڪ بحريه جي ميرين انجنيئرنگ برانچ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. هو پاڪستان نيوي واري ڪاليج لاهور ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان تعليم پرايل آهي. هن نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) مان مينيوفيڪچرنگ سسٽم انجنيئرنگ اينڊ مئنجمينٽ ۾ ماسٽر آف سائنس جي ڊگري حاصل ڪئي. هو پنهنجي شاندار ڪيريئر دوران مختلف مقررين تي وسيع تجربو رکي ٿو. ريئر ايڊمرل ارمغان احمد هن وقت پاڪستان نيوي ڊاڪيارڊ (ڪراچي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ٻنهي آفيسرن کي سندن اعليٰ خدمتن جي اعتراف ۾ ستاره امتياز (ملٽري) سان نوازيو ويو آهي.

مزید خبریں