ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌي ۽ جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌي ۽ جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي، صبح جي وقت ۾ اتر اوڀر پنجاب جي علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ …

اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌي ۽ جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي، صبح جي وقت ۾ اتر اوڀر پنجاب جي علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهي، جڏهن ته ڪشمير، مٿانهين خيبرپختونخواهه ۽ پوٺوهار خطي ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات ۽ جبلن تي برفباري ٿي. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ۾ ڪاٽو 10، قلات، پاراچنار ۾ ڪاٽو 07، گوپس، مالم جبه، استور ۾ ڪاٽو 06، نٿياگلي، ڪالام ۾ ڪاٽو 05، اسڪردو ۾ ڪاٽو 04 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

مزید خبریں