نامياري صحافي اعجاز مهر جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيتي ريفرنس منعقد

اسلام آباد - 28 جنوري (اي پي پي) اسلام آباد نيشنل پريس ڪلب ۾ نامياري صحافي اعجاز مهر جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيتي ريفرنس منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سينئر صحافين افضل بٽ، شاڪر سولنگي، شاهه محمد ڏيٿو سميت وڏي انگ ۾ اينڪر پرسنز ۽ ٽي وي جرنلسٽس شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مرحومه جي ايثال ثواب لاءِ فاتح خواني ڪئي وئي. نامياري صحافي اعجاز مهر جي والده 76 …

اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) اسلام آباد نيشنل پريس ڪلب ۾ نامياري صحافي اعجاز مهر جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيتي ريفرنس منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سينئر صحافين افضل بٽ، شاڪر سولنگي، شاهه محمد ڏيٿو سميت وڏي انگ ۾ اينڪر پرسنز ۽ ٽي وي جرنلسٽس شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مرحومه جي ايثال ثواب لاءِ فاتح خواني ڪئي وئي. نامياري صحافي اعجاز مهر جي والده 76 سالن جي ڄمار ۾ 17 جنوري تي ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ مختصر علالت کانپوءِ لاڏاڻو ڪري وئي هُئي، جنهن کي گهوٽڪي لڳ سندس اباڻي قبرستان ڳوٺ عارب مهر ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو هو. جڏهن ته ڪراچي ۾ اختر حسين مهر، خالد حُسين مهر ۽ آمريڪا جي شهر هيوسٽن ۾ سجاد حُسين مهر پاران تعزيتي ميڙاڪا ڪوٺايا ويا.

جڏهن ته سينئر صحافي اعجاز مهر، اختر حسين مهر، خالد حُسين مهر ۽ سجاد حُسين مهر امڙ جي لاڏاڻي تي ڏُک ونڊيندڙن سان ٿورن جو اظهار ڪيو آهي.

مزید خبریں