پاڪستان ۽ اتر آمريڪا وچ ۾ ٻه طرفي واپاري ڳاڻيٽي ۾ جاري مالي سال دوران واڌ رڪارڊ

اسلام آباد- 28 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ اتر آمريڪا وچ ۾ ٻه طرفي واپاري ڳاڻيٽي ۾ جاري مالي سال دوران واڌ ٿي آهي، مالي سال جي شروعاتي 6 مهينن ۾ اتر آمريڪا ڏانهن ملڪي روانگي واپار ۾ ساليانو بنيادن تي 5 سيڪڙو، جڏهن ته آمدني واپار ۾ 25 سيڪڙو جي اوسر رڪارڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جاري مالي سال جي شروعاتي 6 …

اسلام آباد- 28 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ اتر آمريڪا وچ ۾ ٻه طرفي واپاري ڳاڻيٽي ۾ جاري مالي سال دوران واڌ ٿي آهي، مالي سال جي شروعاتي 6 مهينن ۾ اتر آمريڪا ڏانهن ملڪي روانگي واپار ۾ ساليانو بنيادن تي 5 سيڪڙو، جڏهن ته آمدني واپار ۾ 25 سيڪڙو جي اوسر رڪارڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جاري مالي سال جي شروعاتي 6 مهينن ۾ آمريڪا، ڪينيڊا ۽ اتر آمريڪا جي ٻين ملڪن ڏانهن روانگي واپار مان ملڪ کي 3.377 ارب ڊالرن جو ناڻو حاصل ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي ڀيٽ ۾ 5 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل مالي سال جي شروعاتي 6 مهينن اتر آمريڪا جي ملڪن ڏانهن روانگي واپار مان ملڪ کي 3.219 ملين ڊالرن جو ناڻو حاصل ٿيو هو، ڊسمبر 2025ع ۾ اتر آمريڪا جي ملڪن ڏانهن روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 573.49 ملين ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو نومبر ۾ 479.45 ملين ڊالر ۽ ڊسمبر 2024ع ۾ 540.32 ملين ڊالر هو، مالي سال 2025ع ۾ اتر آمريڪا جي ملڪن ڏانهن پاڪستان جي مجموعي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 6.417 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. انگن اکرن مطابق جاري مالي سال جي  شروعاتي 6 مهينن ۾ اتر آمريڪا جي ملڪن کان آمدني واپار تي 1.503 ارب ڊالرن جو ناڻو خرچ ٿيو، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي ڀيٽ ۾ 25 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل مالي سال جي شروعاتي 6 مهينن ۾ اتر آمريڪا جي ملڪن کان آمدني واپار تي 1.203 ارب ڊالرن جو ناڻو خرچ ٿيو هو، ڊسمبر 2024ع ۾ اتر آمريڪا جي ملڪن کان آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 461.80 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو نومبر ۾ 313.84 ملين ڊالرز ۽ ڊسمبر 2024ع ۾ 205.36 ملين ڊالرز هو، مالي سال 2025ع ۾ اتر آمريڪا جي ملڪن کان آمدني واپار تي 2.588 ارب ڊالرن جو ناڻو خرچ ٿيو هو.اي

مزید خبریں