اسلام آباد - 28 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ راولپنڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس (آر آءِ يو جي) جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي مبارڪباد واري بيان ۾ وفاقي وزير آصف بشير چوڌري کي صدر، بشير عثماني کي جنرل سيڪريٽري، اظهار خان نيازي کي فنانس سيڪريٽري، توصيف عباسي ۽ رشيد ملڪ کي نائب صدر جڏهن ته راجا عمران …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران آر آءِ يو جي جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪُون

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ راولپنڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس (آر آءِ يو جي) جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي مبارڪباد واري بيان ۾ وفاقي وزير آصف بشير چوڌري کي صدر، بشير عثماني کي جنرل سيڪريٽري، اظهار خان نيازي کي فنانس سيڪريٽري، توصيف عباسي ۽ رشيد ملڪ کي نائب صدر جڏهن ته راجا عمران جنجوعه ۽ راڻا فرحان اسلم کي جوائنٽ سيڪريٽريز چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني اهي. اطلاعات واري وفاقي وزير نئين چونڊيل گورننگ باڊي جي ميمبرن کي پڻ مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي هن چيو ته حڪومت اظهار جي آزادي ۽ صحافت جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته صحافتي تنظيمون جمهوري قدرن جي فروغ ۽ صحافت جي آزادي جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. هن چيو ته صحافي برادري جي ڀلائي، پيشيواراڻي صلاحيتن جي فروغ ۽ مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن تعاون جاري رکيو ويندو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته آر آءِ يو جي جي نئين چونڊيل قيادت صحافين جي حقن جي تحفظ ۽ تنظيم کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪندي. اطلاعات واري وفاقي وزير نئين چونڊيل عهديدارن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.











