اسلام آباد - 28 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي عوام جي خوشحالي انهن جو بنيادي حق آهي، بدقسمتي سان ڪير به سنجيدگي سان صوبي جي ترقي لاءِ نه سوچي رهيو آهي، خيبرپختونخواهه ۾ بي پناهه پوٽينشل موجود آهي، اتي قيمتي جيمز اسٽونز ۽ ماربل اربين ڊالر ماليت جا آهن پر انهن وسيلن کي ريگيوليٽ ڪرڻ جي لاءِ …
خيبرپختونخواهه جي عوام جي خوشحالي انهن جو بنيادي حق آهي: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي عوام جي خوشحالي انهن جو بنيادي حق آهي، بدقسمتي سان ڪير به سنجيدگي سان صوبي جي ترقي لاءِ نه سوچي رهيو آهي، خيبرپختونخواهه ۾ بي پناهه پوٽينشل موجود آهي، اتي قيمتي جيمز اسٽونز ۽ ماربل اربين ڊالر ماليت جا آهن پر انهن وسيلن کي ريگيوليٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪو موثر نظام موجود نه آهي، محمد نواز شريف جي قيادت ۾ مسلم ليگ (ن) ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇايو، ترقي کي گهٽين ۽ پاڙن تائين پهچايو، ليپ ٽاپ اسڪيم ۽ دانش اسڪولز جي ذريعي ميرٽ تي ٻڌل تعليم ۽ تربيت فراهم ڪئي وئي، انهن ئي ليپ ٽاپس جي ڪري ڪورونا وبا جي دوران ورڪ فرام هوم ۽ آن لائين تعليم ممڪن ٿي، دانش اسڪولز مان فارغ ٿيندڙ شاگرد اڄ مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، اڄ سيف سٽي منصوبو عوام جي تحفظ ۽ وقت سر ڪارروائي جي لاءِ موثر ثابت ٿي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي خيبرپختونخواهه بابت اطلاعات واري ڪوآرڊينيٽر اختيار ولي خان سان گڏ خيبرپختونخواهه يوٿ اسيمبلي سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جي لاءِ موثر پليٽ فارم فراهم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته شاگرد سياست سان وابستگي دوران قيمتي تجربا حاصل ٿيا جن جو پنهنجو هڪ قدر آهي، اهو سبق پوري زندگي عملي ميدان ۾ ڪم اچي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته يوٿ اسيمبلي جو پليٽ فارم انتهائي اهم آهي جنهن جي ذريعي نه رڳو پاليسي سازي جي عمل کي سمجهڻ جو موقعو ملي ٿو پر دٻاءُ ۾ ڪم ڪرڻ، نيون پاليسيون جوڙڻ ۽ انهن تي موثر عملدرآمد جهڙا معاملا سکڻ جو پڻ موقعو فراهم ٿئي ٿو. هن چيو ته اپوزيشن کي رڳو تنقيد تائين محدود رهڻ بدران شيڊو ڪابينا جوڙڻ گهرجي ۽ واضح طور تي ٻڌائڻ گهرجي ته ٽيڪسن يا مختلف نظامن بابت جن مسئلن جي نشاندهي ڪئي پئي وڃي انهن کي ڪهڙي طرح حل ڪري سگهجي ٿو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) سدائين ترقياتي پاليسي جي بنياد تي سياست ڪئي آهي. مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف سڄي ملڪ ۾ ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇايو ۽ ترقي کي گهٽين ۽ پاڙن تائين پهچايو. هن چيو ته صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ مرحليوار ترقي جي شروعات ڪئي وئي. هن چيو ته هن وقت ترقياتي سياست بدران بيانيي جي سياست اڳتي اچي وئي آهي، سوشل ميڊيا تي بيانن کي غيرمعمولي اهميت ڏني پئي وڃي جڏهن ته حقيقتن جو قدر گهٽ ٿيندو پيو وڃي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ملڪ ۾ شروع ۾ پرنٽ ميڊيا هئي جنهن جو باقاعده اداراجاتي ڍانچو هوندو هو جنهن ۾ ايڊيٽوريل بورڊ، رپورٽر، بيورو چيف، ايڊيٽر ۽ ايڊيٽر انچيف شامل هئا، بعد ۾ انهي بنياد تي اليڪٽرانڪ ميڊيا آئي. اليڪٽرانڪ ميڊيا حقيقت ۾ اخباري صحافت مان جنم ورتو جنهن جي لاءِ ريگيوليٽري فريم ورڪ جوڙيو ويو ۽ پيمرا جو قيام عمل ۾ آيو. هن چيو ته ارتقائي عمل سان گڏوگڏ نيوز چينلز ۾ ايڊيٽوريل بورڊ، ڊائريڪٽرز ۽ ٻيا ادارتي نظام پڻ متعارف ڪرايا ويا. هن چيو ته بدقسمتي سان جڏهن ڊيجيٽل ميڊيا جو ارتقا ٿيو ته ان جي لاءِ ڪو باقاعده ايڊيٽوريل بورڊ، ايڊيٽر انچيف، رپورٽر، موثر ايڊيٽوريل پاليسي يا ريگيوليٽري فريم ورڪ موجود نه هو. اڄ پوري قوم کي ڊيجيٽل ميڊيا سان واڳيل ڪيترائي مسئلا سامهون اچي رهيا اهن جن ۾ عورتن کي هراسان ڪرڻ، عدم برداشت، تشدد ۽ ٻيا سماجي مسئلا شامل آهن. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام جي خوشحالي انهن جو بنيادي حق آهي، جڏهن ته بدقسمتي سان ڪير به سنجيدگي سان صوبي جي مجموعي ترقي جي لاءِ نه سوچي رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ بي پناهه پوٽينشل موجود آهي ۽ صوبي جي قيمتي جيم اسٽونز جي ماليت اربين ڊالر تائين آهي پر افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته انهن وسيلن کي ريگيوليٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪو موثر نظام نه جوڙيو ويو. هن چيو ته اهو به طئي نه ڪيو ويو ته ماربل ڪير ڪڍندو، اتي طاقتور عنصر جبلن کي ڪاٽي ماربل حاصل ڪري رهيا آهن. هن مثال ڏيندي چيو ته اٽلي جي مشهور ماربل جي کاڻين جي کوٽائي جي لاءِ اتي ڪنهن وڏي زميندار يا وڏيري کي اجازت نه ٿي ڏني وڃي پر ماربل اهو ئي ڪڍي ٿو جنهن وٽ ان شعبي جي باقاعده مهارت ۽ فني صلاحيت هوندي آهي. هن چيو ته محمد نواز شريف 2013ع ۾ مولانا فضل الرحمان جي پارٽي سان گڏجي حڪومت ٺاهي سگهيو پئي تنهن هوندي به جيئن ته پي ٽي آءِ کي اڪثريت حاصل هئي ان لاءِ انهن کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني وئي جيڪو هڪ اعليٰ جمهوري روايت جو مثال آهي. وفاقي وزير چيو ته سياسي بيانيو ٺاهڻ، سياسي مخالفت ڪرڻ ۽ پوائنٽ اسڪورنگ سياست جو حصو آهي، اهو عمل اسان به ڪريون ٿا ۽ ٻيون سياسي پارٽيون به ڪن ٿيون، تنهن هوندي به سياست ۾ اصولن ۽ جمهوري قدرن کي مٿانهون رکڻ ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ (پي ڪي ايل آءِ) ڪاميابي سان ڪم ڪري رهيو آهي جتي هيستائين هڪ هزار ليور ٽرانسپلانٽس ٿي چڪا آهن. هن چيو ته ڪورونا وبا دوران به پي ڪي ايل آءِ کي سينٽر جي طور استعمال ڪيو ويو ڇو ته اتي اسٽيٽ آف دي آرٽ سهولتون ميسر هيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته راولپنڊي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ خيبرپختونخواهه جي مريصن جو وڏو بار کڻي رهيو آهي. هن چيو ته اصل مسئلو سوچ جو هوندو آهي، جيڪڏهن سوچ وڏي هجي ته ناممڪن کي به ممڪن بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ميرٽ جي بنياد تي ليپ ٽاپ اسڪيم شروع ڪئي جنهن ۾ نه ته ڪنهن سياسي وابستگي جو شرط رکيو ويو ۽ نه وري رنگ ۽ نسل جو شرط رکيو ويو پر واحد معيار تعليمي ميرٽ ۽ مقرر جي پي اي هو. هن تنقيد ڪندڙن کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن اسان ليپ ٽاپ ڏنا آهن ته متبادل جي طور تي انهن ڇا ڏنو. وفاقي وزير چيو ته ڪورونا دوران انهن ئي ليپ ٽاپس جي ڪري معيشت جو ڦيٿو هلندو رهيو، ورڪ فرام هوم ۽ آن لائين تعليم جو سلسلو جاري رهيو ۽ لکين شاگردن فائدو کنيو. هن چيو ته تنقيد انهي وقت موثر هوندي آهي جڏهن ان کان بهتر نظام پيش ڪيو وڃي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف سدائين تنقيد کي برداشت ڪيو ۽ عملي قدمن جي ذريعي عوامي مسئلن جي حل کي ترجيح ڏني. هن چيو ته ليپ ٽاپ اسڪيم نوجوانن تي سيڙپڪاري آهي جيڪا پوري پاڪستان ۾ بنا ڪنهن فرق جي ڪئي پئي وڃي ۽ ان جو ڪو سياسي مقصد نه آهي پر اهو رڳو ملڪ ۽ قوم جي مستقبل جي لاءِ آهي. وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن سوشل سيڪٽرز ۾ سيڙپڪاري ڪئي وڃي ته ترقي جو عمل اڳتي وڌي ٿو ۽ صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ اهڙا هزارين منصوبا موجود آهن جيڪي عوام جي زندگين ۾ مثبت تبديلي آڻي رهيا آهن. هن چيو ته دانش اسڪولن جي ذريعي لاچار ۽ مستحق ٻارن کي تعليم ڏني پئي وڃي. هن چيو ته دانش اسڪولن جي قائم ٿيڻ تي به تنقيد ڪئي وئي هئي جڏهن ته تنقيد عام طور تي اهي ئي ماڻهو ڪندا آهن جن کي پاڻ سموريون سهولتون ميسر هونديون آهن جڏهن ته جڏهن غريب جي ٻارن جو وارو اچي ٿو ته انهن کي روڪڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته شهباز شريف واضح ڪيو هو ته اهڙا اسڪول قائم ڪيا ويندا جيڪي ايچي سن ڪاليج جي معيار جا هُجن ۽ اهي پٺتي پيل علائقن ۾ هجن. هن چيو ته دانش اسڪولن ۾ يتيم ٻارن کي پهرين ترجيح ڏني وڃي ٿي. هن مثال ڏيندي چيو ته ليه جي هڪ شاگردياڻي پنهنجي آءِ ٽي ليب هلائي رهي آهي جڏهن ته هڪ شاگرد انهي تعليمي اداري مان حاصل ڪري ڊاڪٽر بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اهي تعليمي ادارا قائم نه ڪيا وڃن ها ته اهي ئي ٻار ڪنهن جي گهرن ۾ مزدوري ڪري رهيا هجن ها. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هن ملڪ ۾ ڪم ڪرڻ سڀ کان مشڪل جڏهن ته تنقيد ڪرڻ سڀ کان آسان ڪم بڻجي چڪو آهي تنهن هوندي به ليپ ٽاپ اسڪيم کان وٺي دانش اسڪولن تائين سمورا منصوبا اڄ به موجود ۽ فعال آهن. هن چيو ته سيف سٽي منصوبو عوام جي تحفظ ۽ وقت سر ڪارروائي جي لاءِ شروع ڪيو ويو هو جنهن جا عملي نتيجا سامهون آيا آهن. وفاقي وزير چيو ته لاهور ۾ ٿيندڙ هڪ ڌماڪي ۾ ڊي آءِ جي ڪيپٽن مبين شهيد ٿيو جنهن کانپوءِ سيف سٽي ڪئميرائن جي مدد سان واقعي جي وڊيو کي ريوائنڊ ڪري جاچ ڪئي وئي، ڪئميرائن جي ذريعي فريم باٰءِ فريم جوابدار جي چرپر جو پتو لڳايو ويو جنهن ۾ اهو معلوم ٿيو ته جوابدار ڪٿان آيو، رڪشي مان ڪٿي لٿو ۽ ڪهڙي گهٽيءَ مان ٿيندي ڪهڙي گهر ۾ داخل ٿيو. سيف سٽي ڪئميرائمن جي ڪري نه رڳو جوابدار پر ان جي هينڊلر تائين پڻ پهچ حاصل ڪئي وئي جنهن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ اڄ ان کي موت جي سزا ٿي چڪي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن سيف سٽي جو نظام موجود نه هجي ها ته ان سطح جي جاچ ممڪن نه هئي. وفاقي وزير قصور سان تعلق رکندڙ معصوم ٻارڙي زينب جي ڪيس جو حوالو ڏيندي چيو ته ان ڪيس کان پوري قوم واقف آهي ۽ جيڪڏهن فرانزڪ ليبارٽري جو قيام عمل ۾ نه آيو هجي ها ته ان جي قاتل کي پڪڙڻ ممڪن نه هو. ان ڪيس ۾ ٻه کان ٽي هزار ڊي اين اي سيمپلز گڏ ڪيا ويا جن مان هڪ سيمپل ميچ ٿيو ۽ ڏوهاري قانون جي ڪٽهڙي تائين پهتو. هن چيو ته جيڪڏهن فرانزڪ ليب موجود نه هجي ها ته قاتل جي ڳولا ۾ سال لڳي وڃن ها جنهن سان واضح ٿئي ٿو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ اداراجاتي سڌارا عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جي لاءِ لازمي آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سيف سٽي، فارنزڪ ليبارٽري ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) جهڙا ادارا عوامي تحفط ۽ قومي سلامتي جي لاءِ انتهائي اهم آهن. اهو ڪم باقي صوبن ۾ به ٿيڻ گهرجي ها پر بدقسمتي سان هڪ صوبي ۾ سياست هاڻي شعر ۽ شاعري ۽ گانن جي ور چڙهي وئي آهي ۽ سياست جو برانڊ بدلائي بيانيي ۽ سوشل ميڊيا جي چوڌاري گهُمڻ لڳو آهي جنهن سان ڊگهي مدي واري پاليسي سازي ۽ عملي قدم متاثر ٿي رهيا آهن. اصل جدوجهد تعليم، صحت، انفراسٽرڪچر جي ترقي، سوشل سيڪٽرز ۽ ڪائونٽر ٽيررازم جي شعبن ۾ ٿيڻ گهرجي ها پر بدقسمتي سان اها جدوجهد چور، ڦورو ۽ غدار جي خلاف بيانيي طرف منتقل ٿي وئي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بيانيو ڊيولپمينٽ کان هٽي ڪري تماشي بازي ۽ فنڪاري طرف هليو ويو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته خيبرپختونخواهه پاڪستان جو خوبصورت ترين صوبو آهي ۽ ان جي ترقي ۽ خوشحالي سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. هن چيو ته ملڪ جا ٻيا صوبي ترقي ڪري وڃن ۽ هڪ صوبو رڳو بيانيي جي چڪر ۾ سڀ کان پٺتي رهجي وڃي، اهو ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿو ڪري سگهجي.











