اسلام آباد -28 جنوري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پراڻي دوستي ۽ اقتصادي شراڪتداري وڌيڪ مضبوط بڻائڻ واري عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي، ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل اعتماد، احترام ۽ گڏيل ترقي جي ويزن تي ٻڌل آهن. انهن خيالن جو اظهار هن پاڪ چين منرل ڪو آپريشن فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان …
پاڪ چين پراڻي دوستي ۽ اقتصادي شراڪتداري گڏيل اعتماد، احترام ۽ گڏيل ترقي جي ويزن تي ٻڌل آهي: وفاقي وزير قيصر احمد شيخ

مزید خبریں
اسلام آباد -28 جنوري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پراڻي دوستي ۽ اقتصادي شراڪتداري وڌيڪ مضبوط بڻائڻ واري عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي، ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل اعتماد، احترام ۽ گڏيل ترقي جي ويزن تي ٻڌل آهن. انهن خيالن جو اظهار هن پاڪ چين منرل ڪو آپريشن فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين پراڻي دوستي جي مضبوط رشتي ۾ ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل اعتماد، احترام ۽ گڏيل ترقي جي ويزن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته مان ذاتي طور چين جي غير معمولي ترقي جو مشاهدو ڪيو، ان سان پاڪستان خاص ڪري معدنيات، صنعت ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ گهڻو ڪجهه سکي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪ چين منرل ڪو آپريشن فورم ٻنهي ملڪن وچ ۾ معدني وسيلن جي شعبي ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي اهم ڪوشش آهي جيڪا گڏيل شراڪتداري کي نئين جدت ڏيندي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ رابطن ۽ معاملن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيڻ گهرجي ته جيئن گڏيل ترقي جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهجي. وفاقي وزير ٻڌايو ته گذريل سال سيپٽمبر 2025ع دوران 300 کان وڌيڪ پاڪستاني ڪمپنين چين جو دورو ڪيو جڏهن ته پاڪ چين بزنس ٽو بزنس ڪانفرنس دوران 167 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحيون ڪيون ويون. جيڪي ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن جو واضح ثبوت آهن. هن چيو ته بورڊ آف انويسٽمينٽ سمورن صحيحيون ٿيل مفاهمتي يادداشتنامن تي فعال طور عملدرآمد ڪري رهيو آهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي ون ونڊو سهولتن جي تحت ڀرپور مدد فراهم ڪئي پئي وڃي. سيڙپڪاري جي ماحول کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ريگيوليٽري سڌارن تي ڪم تيزي سان جاري آهي ته جيئن ڪاروبار ۾ آساني کي يقيني بڻائي سگهجي. وفاقي وزير ان عزم جو اظهار به ڪيو ته بورڊ آف انويسٽمينٽ پاڪستان ۾ پرڏيهي سيرپڪاري کي هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ پاڪ چين اقتصادي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ لاءِ سمورا امڪاني قدم جاري رکنداسين.











