اسلام آباد - 28 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوليو جي خاتمي لاءِ حصيدارن جي تعاون سان قدم جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حڪومت پوليو جي خاتمي جي لاءِ جامع حڪمت عملي ۽ موثر ٽيم سان گڏ عملي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار گيٽس فائونڊيشن عالمي ترقي بابت صدر ڪرس ايلياس سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وفد سان گڏ …
وزيراعظم پاران پوليو جي خاتمي لاءِ حصيدارن جي تعاون سان قدم جاري رکڻ جي عزم جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوليو جي خاتمي لاءِ حصيدارن جي تعاون سان قدم جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حڪومت پوليو جي خاتمي جي لاءِ جامع حڪمت عملي ۽ موثر ٽيم سان گڏ عملي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار گيٽس فائونڊيشن عالمي ترقي بابت صدر ڪرس ايلياس سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وفد سان گڏ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ گيٽس فائونڊيشن جي عالمي ترقي بابت صدر ڪرس ايلياس کانسواءِ ڊائريڪٽر پوليو ڊاڪٽر ڪيٿي نيوزيل ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر پوليو مائيڪل گالوي شامل هئا جڏهن ته منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال، وزيراعظم جي پوليو جي خاتمي بابت فوڪل پرسن عاشه رضا فاروق ۽ ٻين سرڪاري عهديدار پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ پوليو جي مڪمل خاتمي تائين بل گيٽس فائونڊيشن جهڙي قابل اعتماد حصيدارن جي تعاون سان قدم جاري رکيا ويندا. هن پاڪستان مان پوليو جي خاتمي جي لاءِ بل گيٽس جي قابل قدر خدمتن کي ساراهيندي پاڪستان مان پوليو جي خاتمي جي لاءِ بل گيٽس ۽ سعودي عرب سميت ڀائر مسلمان ملڪن جي تعاون تي ٿورا ادا ڪيا. وزيراعظم چيو ته جامع حڪمت عملي ۽ موثر ٽيم سان گڏ عملي قدم کڻي رهي آهي ۽ پوليو جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ان بيماري جي خلاف جاري جنگ ۾ خاطرخواهه ڪاميابي جي باوجود هنگامي بنيادن تي وڌيڪ قدم لازمي آهن. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت موثر حڪمت عملي تحت ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پوليو ٽيمن جي پهچ ممڪن بڻائڻ جي لاءِ صوبن سان مڪمل هم آهنگي سان ڪم ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي جي مهم جي پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام تحت لاڳاپيل منصوبا جاري رکيا ويندا. وزيراعظم پوليو جي خاتمي بابت عوامي آگاهي ۽ ويڪسين جي فراهمي جي لاءِ صحت واري وفاقي وزارت کي سمورن لاڳاپيل ادارن سان گڏجي سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي. گيٽس فائونڊيشن عالمي ترقي بابت صدر ڪرس ايلياس چيو ته گيٽس فائونڊيشن وزيراعظم جي پوليو جي خاتمي تي ذاتي ڌيان ۽ ان ڏس ۾ کنيل موثر عملي قدمن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. پاڪستان پوليو جي مڪمل خاتمي جي لاءِ موثر قدم کڻي رهيو آهي جيڪو ڪاميابي طرف گامزن آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ لاڳاپيل ادارن سان پوليو جي خاتمي تي تعميري مشاورت جاري رهندي. پاڪستان ۾ پوليو وائرس جي ماحولياتي موجودگي جي خاتمي ۽ سمورن علائقن ۾ پوليو ٽيم جي پهچ جي ڏس ۾ موثر قدم کنيا ويا آهن جيڪي ساراهه جوڳا آهن. ڪرس ايلياس پاڪستان ۾ ڪاميابي سان جاري پوليو جي خاتمي واري مهم تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي وزيراعظم کي بل گيٽس پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پڻ پهچايو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته جاري قدمن جي نتيجي ۾ پاڪستان جلد ان بيماري جي مڪمل خاتمي جي منزل حاصل ڪري وٺندو. ان موقعي تي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال پوليو جي خاتمي جي لاءِ جاري پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ تحت قدمن کان وفد کي آگاهه ڪيو. صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال وزيراعظم جي رهنمائي ۽ بل گيٽس جي ٽيم جي تعاون تي ٿورا ادا ڪندي قدم وڌيڪ موثر انداز ۾ جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم جي پوليو جي خاتمي بابت فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق پڻ ملاقات ۾ پوليو جي خاتمي تحت سمورن صوبن ۽ شهرن ۾ جاري قدمن کان وفد کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم وفد ۾ شامل گيٽس فائونڊيشن جي ڊائريڪٽر پوليو ڊاڪٽر ڪيٿي نيوزيل کي سندس تازي مقرري تي مبارڪباد ڏيندي سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.











