اسلام آباد -28 جنوري (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته صحت حڪومت يا رياست جي نه پر معاشري جي گڏيل ذميواري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سلطانه فائونڊيشن ۾ منعقد هڪ تقريب کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته هڪ مرحوم ڊاڪٽر جي فلاحي ۽ انساني خدمت تي مشتمل ڪم يقينن صدقه جاريه آهي جنهن کي ان جا ساٿي ۽ شاگرد …
صحت حڪومت يا رياست جي نه پر معاشري جي گڏيل ذميواري آهي: وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد -28 جنوري (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته صحت حڪومت يا رياست جي نه پر معاشري جي گڏيل ذميواري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سلطانه فائونڊيشن ۾ منعقد هڪ تقريب کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته هڪ مرحوم ڊاڪٽر جي فلاحي ۽ انساني خدمت تي مشتمل ڪم يقينن صدقه جاريه آهي جنهن کي ان جا ساٿي ۽ شاگرد اڄ به جاري رکي رهيا آهن. هن چيو ته صحت صرف حڪومت يا رياست جي ذميواري نه پر هر فرد هر شعبي ۽ پوري معاشري جي گڏيل ذميواري آهي. هن چيو ته صحت هڪ نعمت آهي ۽ ان کان سواءِ ڪو به انسان پنهنجون ذميواريون بهتر انداز ۾ ادا نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي دنياوي زندگي کي اثرائتي طريقي سان گذاري سگهي ٿو. هن چيو ته الائيڊ هيلٿ اسٽاف ۽ نرسز مريضن سان وڌيڪ وقت گذاريندا آهن، انهي لاءِ سندن همدردي وارو رويو مريضن جي صحت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. هن زور ڀريو ته مريضن سان سٺو سلوڪ، نرمي سان ڳالهائڻ ۽ اخلاق سان پيش اچڻ اهڙو ڪم آهي جنهن تي مالي خرچ نه ايندو آهي پر ان جو اثر تمام گهڻو گهرو هوندو آهي. هن چيو ته حقيقي هيلٿ ڪيئر صرف اسپتالن ۾ مريضن جي علاج تائين محدود ناهي، پر ماڻهن کي بيمارين کان بچائڻ، آگاهي فراهم ڪرڻ ۽ احتياطي اپاءَ اختيار ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جو نالو آهي.











