اسلام آباد -28 جنوري (اي پي پي) گوادر ۾ سيمينار ۽ نمائش ”گوادر جديد سامونڊي شهر 2026ع“ منعقد ڪيو ويو جنهن جو مقصد گوادر کي هڪ جديد، پائيدار ۽ عالمي معيار جي سامونڊي ڪناري واري واپاري شهر طور هٿي وٺائڻ هو. سيمينار ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي ماهرن، پاليسي سازن، سيڙپڪارن، تعليمي ادارن جي نمائندن ۽ ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي. سيمينار جو خاص مهمان رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن وارو وفاقي وزير پروفيسر …
حڪومت گوادر کي جديد انفراسٽرڪچر، صنعت، واپار، لاجسٽڪس ۽ سياحت جو مرڪز بڻائڻ لاءِ مربوط حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي: احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد -28 جنوري (اي پي پي) گوادر ۾ سيمينار ۽ نمائش ”گوادر جديد سامونڊي شهر 2026ع“ منعقد ڪيو ويو جنهن جو مقصد گوادر کي هڪ جديد، پائيدار ۽ عالمي معيار جي سامونڊي ڪناري واري واپاري شهر طور هٿي وٺائڻ هو. سيمينار ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي ماهرن، پاليسي سازن، سيڙپڪارن، تعليمي ادارن جي نمائندن ۽ ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي. سيمينار جو خاص مهمان رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن وارو وفاقي وزير پروفيسر ڊاڪٽر احسن اقبال هو. پنهنجي خطاب ۾ گوادر بندرگاهه جي صنعتي ۽ واپاري ترقي کي قومي ترجيح قرار ڏيندي چيو ته گوادر هاڻي صرف هڪ بندرگاهه نه پر پاڪستان کي عالمي واپاري نظام سان جوڙيندڙ هڪ اسٽريٽجڪ رستو بڻجندو پيو وڃي، وفاقي وزير چيو ته حڪومت گوادر کي جديد انفراسٽرڪچر، صنعت، واپار، لاجسٽڪس ۽ سياحت جو مرڪز بڻائڻ لاءِ مربوط حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته گوادر جي ترقي جو اصل مقصد مقامي آبادي کي روزگار، تعليم، صحت، پاڻي ۽ بجلي جهڙين بنيادي سهولتن جي فراهمي آهي ته جيئن ترقي جا ثمر عام شهرين تائين پهچي سگهن. سيمينار دوران پاليسي سازي، سيڙپڪاري جي موقعن، بندرگاهي سيڪيورٽي، عوامي رابطن، ماحول دوست ترقي ۽ پائيدار شهري منصوبا بندي جهڙن اهم موضوعن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. سيمينار ۾ مقررن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته گوادر جي ترقي پاڪستان جي معاشي خودمختياري ۽ روانگي واپار کي هٿي وٺائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. ان موقعي تي سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو ته گوادر خطي ۾ واپار، بندرگاهي معيشت ۽ عوامي رابطاڪاري جو هڪ اسٽريٽجڪ مرڪز بڻجي اڀري رهيو آهي، جيڪو وچ ايشيا، وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا کي ملائڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. سيمينار کي پاڪستان ٽوئرازم ڊپارٽمينٽ ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو سيمينار جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن گوادر سيمينار ۽ نمائش 2026ع کي پاڪستان جي قومي معاشي ترقي، علائقائي رابطن ۽ مستقبل جي رٿابندي لاءِ اهم سنگ ميل قرار ڏنو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته گوادر کي عالمي معيار جو جديد سامونڊي ڪناري وارو شهر بڻائڻ لاءِ سمورا اسٽيڪ هولڊرز گڏيل ڪوششون جاري رکندا.











